مئجسٽريٽ جا اختيار ڪمشنر ۽ ڊي سي کي ڏيڻ تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ مئجسٽريٽ جا اختيار ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي ڏيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل پاران جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28مئي تائين ملتوي ڪندي ڊپٽي اٽارني جنرل کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، درخواستگذارجي وڪيل چيو ته ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي ٽي سال جا اختيارڏنا ويا هئا، فنانس ايڪٽ جي تحت اختيار ڏنا ويا جيڪا غير قانوني هئا.

  1. آمريڪي وفد عمران خان جو ڪو ذڪر نه ڪيو: اياز صادق

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته آمريڪي وفد عمران خان جو ڪو ذڪر نه ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪي وفد واضح ڪيو ته انهن جو پاڪستان جي سياسي معاملن سان ڪو به تعلق ناهي. مان مڪمل طور تي ڳالهين جي حق ۾ آهيان، ۽ هر مسئلو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ٿي سگهي ٿو. مخالف ڌر هر معاملي تي سياست ڪري ٿي ۽ مخالف ڌر آمريڪي ڪانگريس جي پاڪستان جي دوري تي به سياست ڪئي. اياز صادق چيو ته مخالف ڌر ايوان ۾ ڪينال جي معاملي تي به بحث نه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.