بلوچستان ۾ امن لاءِ نوازشريف ڪو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو ؟

تحرير: عباس ناصر

بلوچستان ٻري رهيو آهي. هڪ پاسي دهشتگردي وڌي رهي آهي، جنھن جو ھدف رياست ۽ غير بلوچ آهن. تھ ٻئي طرف سڄي صوبي ۾انصاف ۽ سياسي و معاشي حقن لاءِ احتجاج بھ جاري آهن. بلوچستان ۾ هاڻي اهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي جتي رات جي وقت وڏن شاهراهن تي سفر ڪرڻ جي منع ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ ،اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان سندس لاهور ۾ شاندار رهائش تي ملاقات هڪ خوش آئند اڳڀرائي هئي. اھا ملاقات ھڪ  اميد جي علامت هئي.يقيناً، تبديلي جي اميد جو تعلق مرڪز ۾ (بلوچستان) مسئلي کي جئين سمجههيو وڃي ٿو ۽ امنھن ڏنو پيو وڃي تي آھي. جڏھن تھ رياستي مشينري  ۽ عسڪريت پسند نھ ختم ٿيندڙ تشدد جي گھيري ۾ ڦاٿا پيا آھن.حق بجانب طور اهو پڇڻ گهرجي ته ڇا تبديلي جي اھا  اميد اجائي تھ نھ آھي.

ماضي ۾ نواز شريف اهڙي سياسي مفاھمت جو مظاهرو ڪري چڪو آهي جنھن سان  اميد پيدا ٿي سگهي ٿو. ملاقات کان پوءِ ورتل هڪ تصوير ۾، نواز شريف ۽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ هڪ شاندار سينگاريل ڪمري ۾ اهڙي طرح ويٺا هئا جو 99 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڪستانين کي اھو قبول ڪرڻ ڏکيو لڳو هوندو.هڪ امير ۽ هڪ پٺتي پيل ۽  تباھ حال صوبي جي مسئلن  وچ ۾ ان ظاهري تضاد جي باوجود، جيڪڏهن ڪو اھا اميد رکي ته عظيم جمهوريت پسند، نواز شريف، هن سنگين مسئلي تي فوري ڌيان ڏيندو، ته ان تي ناراض نه ٿو ٿي سگهجي ڇاڪاڻ ته ھن لاءِ وقت گھڻ اهم آهي، جيئن ڊان اخبار پنهنجي جمعي جي ايڊيٽوريل ۾ فصاحت ۽ بلاغت سان بيان ڪيوآھي.ڪو به اهو تجويز نھ پيو ڏي ته نواز شريف کي فوري طور تي بلوچستان وڃڻ جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو ڪجهه ڪري سگهي ها ته ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ڪرڻ کان اڳ ڪا تياري تھ ڪرڻي پوندي.  تنهنڪري نوازشريف جي خاندان جي منسڪ جي دوري جي  تصور ڏسي مون کي جيڪا حيرت ٿي،ان جو توھان تتصور ڪري سگھو ٿا.بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جنھن پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو ان  ۾ نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز ۽ ان جي ڌيءِ،حسين نواز ۽ اسحاق ڊار جا چهرا آساني سان سڃاڻي سگهجن ٿا، جڏهن ته شريف خاندان جا ڪجهه ٻيا گهٽ سڃاتل چهرا به سڃاڻي سگهجن ٿا. مون کي پڪ آهي ته اتي ڪابينا جي ميمبر، سفارتڪار، سرڪاري ملازم شامل هئا، ڇاڪاڻ ته آخرڪار، هي هڪ سرڪاري وفد هو.

بھرحال ھي وفد، جنهن ۾ خاندان جا ماڻهو گهڻا شامل هئا، ٿورو پريشان ڪندڙ هو. مفاهمت جي ياداشتن تي به دستخط ٿيا، قطع نظر ان جي تھ اھي ڪڏهن ٿا حقيقت جو روپ وٺن ۽ ڪڏهن انهن جا نتيجا معاهدن ۽ سمجھوتن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا. انھن مان گھڻا  پاڪستان جي لاءِ لاڀ جو سبب نٿا ٿي سگھن.اهو پڻ چٽو نظر اچي رھيو ھو تھ فوجي قيادت جي يقيني حمايت سان شريف خاندان کي نتيجن يا عوامي تاثرن جي ڪا به پرواهه نه آھي. وفد ۾ ڇهن ويجهن خانداني ميمبرن جي موجودگي جي ڪري،دوري تي فيملي وزٽ جو شڪ ٿي رھيو ھو.، پر بھتر ھو تھ  ان کان پاسو ڪجي ھا.

هن دوري جا حامي دليل ڏين ٿا ته نواز شريف پنهنجي سياسي وارثن کي ملڪ ۾ وڏي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهي اعليٰ عهدي لاءِ سندس رياستي حمت عملي واري تربيت جو هڪ لازمي حصو آهي. پر ان  دليل ۾ بھ ان کي نظر ۾ نھ رکيو ويو آھي تھ عوام انهن واقعن کي ڪھڙي نظر سان ڏسي ٿو.ڳالھھ اتي نٿي کٽي، لڳي ٿو ته مرڪز کان صوبن تائين سول ۽ فوجي قيادت ۾ شامل وي وي آءِ پيز، ڪفايت شعار نظر اچڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي بنھ ڇڏي ڏنو آهي. ان جو اندازو سندن موٽر ڪيڊز کي  ڏسي لڳائي سگهجي ٿو.

سيڪيورٽي بابت حقيقي خدشن جي مناسبت سان  ڪجهه قدمن کي جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو. بھرحال ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاھر ايگزيڪيوٽو يا وڏي (خاص) جيٽ جهازن ۾ سفر کي ترجيح ڏيڻ جو مشڪل سان ئي ڪو  جواز پيش ڪري سگھجي ٿو. خاص طور تي جڏهن پگهاردار طبقيجي مٿان  ڳري ٽيڪسن جو بار وڌو ويو ھجي.بھرحال ان ڳالھھ جون همدردي واريون  وضاحتون پڻ موجود آهن ته حڪومت ۾ پنھنجي  اڳوڻي اتحادي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سان ملاقات دوران بلوچستان جي مسئلي جي سياسي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي رضامندي  باوجود  نوازشريف بيلاروس کان ٿيندو لنڊن ڇو ھليو ويو.

اسلام آباد  جي باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي مسئلي تي نوازشريف وٽ ڪا به گنجائش ناهي ۽ هو ڪو به خاص ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي. "ھارڊ اسٽيٽ ‘ فيصلو ڪيو آهي ته اها شدت پسندي ۽ بغاوت سان ساڳئي طرح منهن ڏيندي رهندي جيئن هن وقت طاقت سان منهن ڏئي رهي آهي. پاليسي سازن جو اندازو آهي ته جيڪو نقصان  هن وقت کنيو پيو وڃي اھو نقصان ڊگهي عرصي تائين برداشت نٿو ڪري سگهجي.”

هن حڪمت عملي جي اثرائتي ثابت ٿيڻ جي وڪالت ڪندڙن جو چوڻ آھي ته هن (حڪمت عملي) جي نتيجي ۾ جيڪا قيمت ادا ڪئي پئي وڃي اھا برداشت جوڳي ٿي سگھي ٿي.ڇاڪاڻ ته معدني وسيلن مان حاصل ٿيندڙ آمدني جي صورت ۾ جيڪو فائدو ٿيندو اھو ناقابل تصور آهي، ڪجهه ماڻھن جو چوڻ آهي ته ڊگهي مدت ۾ اهو فائدو ارب ڊالرن تائين ٿي سگهي ٿو.اسلام آباد ۾ موجود هڪ ٻئي ذريعن  جو چوڻ آھي ته ” ڳالهين ۽ مذاڪرات ۾ ڪنھن کي بھ دلچسپي نھ آھي  ڇاڪاڻ ته ان ۾ صورت ۾آمدني ۾ حصيداري ڪرڻي پئجي سگھي ٿي ۽ هتي ڪو به ‘سخي’ ان موڊ ۾ ناهي.”

صوبن جي معدني وسيلن ۾ انھن جي حقن بابت آئين جيڪو ڪجهه چئي ٿو ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي جيڪو آئيني ڪردار ڏنو ويو آھي،ان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. "ڪيترائي ماڻهو اھو سمجهن ٿا ته 26 هين ترميم عمران خان لاءِ مخصوص هئي. پر هاڻي انھن کي سمجهه ۾ ايندو تھ آئيني بينچ جي جوڙجڪ ۽ اعليٰ عدالتن ۾ مقررين کي ڪنٽرول ڪرڻ جو مقصد هڪ ناپسنديده  سياستدان کان وڌيڪ وسيع مقصدن لاءِ  هو. ”

نواز شريف ڊاڪٽر عبدالمالڪ کي اھو چئي ڪري شايد پنھنجي فطري جبلت جي پيروي ڪئي ھجي تھ ھو  بلوچستان جي مسئلي جي سياسي حل ڏانهن وڌڻ جي ڪوششن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر پنھنجي معزز مهمان جي وڃڻ کان پوءِ شايد  سندس ڌيان وري حقيقت ڏانهن موٽي ويو ھجي ۽ ان جو ادراڪ ڪندي،هن پنهنجو سفري پلان جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو هجي، ڇاڪاڻ ته ھو ڄاڻي ٿو تھ ھو ڪجهه گھڻو نٿو ڪري سگهي، هن جي هٿن ۾ ڪجهه به ناهي.

تنھن ھوندي پاڪستان جو درد رکندڙ ڪجهه مبصر چون ٿا تھ بلوچن کي انهن جي ڦريل مينڊيٽ واپس ڏيڻ ئي واحد عمل جوڳو ڊگهي مدي جو قدم آهي. هي مينڊيٽ انهن پراڪسيز جي حوالي ڪيو ويو ھو، جيڪي صوبي ۾ پنهنجي سياسي حيثيت جو ادراڪ ڪندي ڪنهن به سياسي حل جا مخالفت آھن.

مون کي صرف اھا ڳڻتي آهي ته ھارڊ اسٽيٽ ۽ ان جا نرم رويي وارا خانداني فرد پرڏيهي دورن جي وچ ۾ وقت تيزي سان گذري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو فوجي حل هجي ها ته مان شايد ان جي حمايت نه ڪريان ها، البتھ مان ضرور چوان ھا تھ جيڪڏهن اهو ممڪن آهي ته ٺيڪ آهي، پر مان ڇا ڪريان جڏهن مون کي پڪ آهي ته ان ( فوجي حل ) جو مطلب پاڻ کي نقصان پهچائڻ آهي؟

اسلام آباد  جي باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي مسئلي تي نوازشريف وٽ ڪا به گنجائش ناهي ۽ هو ڪو به خاص ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي. "ھارڊ اسٽيٽ ‘ فيصلو ڪيو آهي ته اها شدت پسندي ۽ بغاوت سان ساڳئي طرح منهن ڏيندي رهندي جيئن هن وقت طاقت سان منهن ڏئي رهي آهي. پاليسي سازن جو اندازو آهي ته جيڪو نقصان  هن وقت کنيو پيو وڃي اھو نقصان ڊگهي عرصي تائين برداشت نٿو ڪري سگهجي.”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.