پرائمري ماسترياڻي صدف حاصلو کي اسڪول ڊيوٽي کانپوءِ واپسي تي سندس جي مڱيندي فريد حاصلو جيڪو پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل هو، گاڏي جو اڳ وٺي هٿيارن جي زور تي گاڏي کي روڪيو ۽ پنهنجي مڱيندي کي گاڏي مان لهڻ لاءِ چيو پر خبرن موجب اها ڳالهه واضح ٿي آهي ته صدف هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته منهنجي زخستي ناهي ٿي تنهنڪري في الحال هليو وڃ ۽ گهر پهچون ته ان مسئلي تي ڳالههايون ٿا پر جوابدار فريد حاصلو ان جي ڳالهه کي نه مڃيو۽ گاڏي ۾ ويٺل ماسترياڻين دانهون ڪيون ته صدف کي نه ماريو پر هن ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ هن پنهنجي مڱيندي صدف کي گوليون هڻي رتورت ڪري ڇڏيو جنهن تي هڪ رٽائرڊ پرائمري ماستر ۽ عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري محبوب رڪ راهوجو وچ ۾ پيو ته هن درندي پيرسن استاد مٿان فائرنگ ڪئي جنهن کي گوليون ڄنگهه ۾ لڳيون ۽ زخمي حالت ۾ هن کي اسپتال پهچايو ويو، صدف کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو جنهن کي قمبر جي سول اسپتال کانپوءِ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو جنهن کي گوليون لڳل هيون ۽ هو موت ۽زندگي جي ٻه واٽي تي تڙپي رهي هئي ،هن جو جسم رت ۾ ٻڏل ۽ ساهه جي تند اٽڪيل هئي ۽ صدف ڊاڪٽرن کان اهو پڇي رهي هئي ته ڇا منهنجي زندگي بچي سگهندي،ايتري ۾ هن جي ساهه جي تند ٽٽي پئي ۽ هن دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن کي وارثن لڙڪن سان الوداع ڪيو، ۽ جيجل امڙ جي لاءِ اها گهڙي قيامت کان گهٽ نه هئي.
صدف هڪ هونهار ۽ ذهين ڇوڪري هئي جنهن پنهنجي قابليت تي تعليم پرائي ۽ پرائيوٽ اسڪول ۾ هڪ پرنسپال جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ هن آءِ بي اي سکر ذريعي ٿيندڙ ڀرتين ۾ پاڻ مڃائي قابليت تي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ ميرٽ تي پرائمري ماستري جو آرڊر ورتو ۽ هن جي پوسٽنگ قمبر جي گرلس اسڪول ۾ ٿي ڇو ته هن جو ڊوميسائل قمبر جو هيو، صدف پنهنجي پيءَ جي گهر لاڙڪاڻي ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ رهائش ڪندي هئي جتان هو روزانو ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ قمبر ايندي هئي ۽ آئوٽ بيڪ ڪري پئي، صدف هن سماج جي دقيانوس سوچ ۽ ريتن ۽ رسمن جي ور چڙهي وئي.
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جوابدار هڪ ذهني مريض ۽ شڪي مزاج ماڻهو هو جنهن ڇوڪري کي اڳ به گهر وڃي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ بقول ان جي وارثن جي ته هو تيزاب سان ڀريل بوتل کڻي آيو هوته جيئن هن جو چهرو مسخ ٿئي پوءِ ڇوڪريءَ ڪورٽ وڃي خلع ورتي ته اهڙي ذهني مريض سان رهي نه ٿي سگهان ۽ هوءَ جڏهن پرائيوٽ اسڪول ۾ نوڪري ڪندي هئي يا هن کي سرڪاري نوڪري ملي ته به هو انڪار ڪندو هو ته نوڪري ڇو ٿي ڪرين ۽ اهڙن روين ۽ ذهنيت سبب ڇوڪري سمجهي چڪي هئي ته نفسياتي مريض ۽ سائڪو آهي،ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن ذهني مريضن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي، جوابدار پوليس اهلڪار تي ڪيس داخل ٿي چڪو آهي پر گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي عورتن کي پروٽيڪشن ڏيندڙ قانون صرف ڪتابن ۾ ئي موجود آهن جن تي عمل درآمد نه پيو ٿئي نتيجن ماڻهو مارڻ آسان بڻجي ويو آهي.
جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو عمل هجي ته اهڙا واقعا رڪجي سگهن ٿا، عورتن کي به هن سماج جي اندر آزادي سان جيئڻ جو حق آهي، سماج جي دقيانوس سوچ اها به آهي ته عورت کي تعليم پرائڻ جو حق ناهي، عورت جي تعليم کي غيرت سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، معاشري ۾ اهڙن ذهني مريضن سان واڳيل عورتون پنهنجي زندگي عذاب ۾ گذارين ٿيون۔ ڪيتريون ئي حوا ڄايون اهڙين فرسوده ريتن ۽ رسمن جي ور چڙهي وڃن ٿيون ۽ صدف هڪ پڙهيل لکيل ڇوڪري هئي ، جنهن جي عمر تقريبن 30 سال هئي، هن پنهنجي زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ ، اڳتي وڌڻ ۽ سماج جي ٻارن کي معياري تعليم ڏيڻ جا خواب سانڍي رکيا هئا ۽ هن جون ڪيتريون اميدون هيون ۽ هڪ شعوريافته عورت جو سماج جي اڏڻ ۾ اهم ڪردارهوندو آهي۔۔ عورت جي تعليم لاءِ ڪيتريون ئي رڪاوٽون بڻيل آهن جيڪي عورت کي تعليم جهڙي ذيور کان محروم رکن ٿيون۔
صدف جو قتل شعور ۽ ساڃاه جو قتل آهي ، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن کي آواز اٿارڻ گهرجي۔۔ وزيراعلي سنڌ ، گهرو وزير ۽ بلاول صاحب کي هن اهم مسئلي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪجي ٿي۔