سنڌ هاءِ ڪورٽ تڪراري ڪئنالن تي ڪم کي روڪي ڇڏيو آھي۽ ارسا جي پاڻي جي دستابي بابت جاري ڪيل سرٽيفيڪٽ تي روڪ جو حڪم جاري ڪيوآھي.سنڌ هاءِ ڪورٽ اِرسا جي سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ڪينالز تي ڪم روڪيندي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪيو آھي. وفاقي حڪومت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري آھي.وفاقي سرڪار 18 اپريل تائين تفصيلي جواب ڪرائيندي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ٻھ رڪني بينچ جسٽس فيصل ڪمال ۽ جسٽس جواد ايس سروانه تي ٻڌل ھئي.جنھن ڪالهه سومر ڏينھن اھڙو فيصلو ٻڌايو.
انڊس رور سسٽم اٿارٽي ( اِرسا ) جي جوڙجڪ ۽ اضافي پاڻي جي دستيابي وارو سرٽيفڪيٽ خلاف درخواست تي عدالت ٻڌڻي ڪئي. عدالت اِرسا جي جاري ڪيل پاڻي دستيابي واري سرٽيفڪيٽ تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.
درخواست گذار بئريسٽر ضمير گھمري جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ مان ڪو به وفاقي ميمبر ارسا ۾ مقرر نه ڪيو ويو ھو ۽ تنھن ڪري ارسا جي جوڙجڪ غير قانوني هئي.درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته ارسا جي جوڙ جڪ غير قانوني ھجڻ کان پوءِ جاري ڪيل سڀئي فيصلا پڻ غير قانوني آهن. ارسا 25 جنوري تي چولستان ۽ ٿل ڪينالن جي تعمير لاءِ پاڻي جي فراهمي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ارسا سرٽيفڪيٽ خلاف عدالتي حڪم نامو جاري ٿيڻ کان پوءِ ڪينالن تي تعميراتي ڪم بند ڪيو وڃي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ‘گرين پاڪستان’ رٿا تحت، وفاقي حڪومت چولستان ۽ ٿل جي ريگستاني علائقن ۾ لکين ايڪڙ بنجر زمين کي پوکي لائق بڻائي ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي زرعي برآمدات وڌائئڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.جڏهن ته سنڌ حڪومت چولستان ڪينال جي تعمير تي اعتراض ڪري ٿي. ‘گرين پاڪستان’ جي شروعات تحت مختلف ڪينال ٺاهڻ جون رٿون جوڙيون ويون آھن.جن تي ڪم بھ جاري آھي.
ھن وقت جڏھن سنڌ ۾ ڪينالن جي تعمير خلاف ھڪ سگھاري تحريڪ ھلي رھي آھي ان موقعي تي عدليھ جي اھڙي فيصلي تي مختلف رايا اچي رھيا آھن.ڪجهه ماھر ان راءِ جا آھن تھ اھو جئين تھ اسٽي آرڊر آھي، انڪري ان ڪيس جو فيصلو ڪو ٻيو رخ بھ اختيار ڪري سگھي ٿو.جڏھن تھ ڪجهه سياستدان ۽ دانشور ان خيال جا آھن تھ جئين تھ اھو نج پاڻي جو ۽ سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت جو معاملو آھي ان ڪري ان جو فيصلو رڳو قانون جي عدالت ۾ نٿو ٿي سگھي.
جيتوڻيڪ اھا حقيقت آھي تھ سنڌ ۾ ھن وقت سوڪھڙي جھڙي صورتحال آھي ۽ سنڌ ۾ جاري تحريڪ جي موٽ ۾ وفاق ۽ پنجاب حڪومتن ڪنھن بھ مثبت ردعمل جو مظاھرو نھ ڪيو آھي، تنھنڪري سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جا خدشا اڃان بھ وڌي رھيا آھن.
سنڌ حڪومت ڪينالن جي تعمير کي پاڻي جي دستيابي سان مشروط ڪيو آهي.سنڌ حڪومت کي ڊپ آهي ته تجويز ڪيل ڪينال جي تعمير سان صوبي جي پاڻي جو مقرر حصو گهٽجي ويندو.سنڌ جو موقف آهي ته تجويز ڪيل ڪينال جي تعمير کان اڳ پاڻي جي دستيابي ۾ واڌ ڪئي وڃي، جڏهن ته پنجاب حڪومت جو موقف آهي ته چولستان ڪينال ۾ 4 مهينن تائين ٻوڏ جو پاڻي ايندو.جنھن مان اھو پاڻي کنيو ويندو.ذريعن موجب سنڌ حڪومت پنجاب حڪومت جو موقف قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. چولستان ڪينال سسٽم رٿا جي خرچ جو ڪاٿو 211 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.ان رٿا موجب لکين ايڪڙ بنجر زمين کي زرعي مقصدن لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو، ۽ رٿا تحت 4 لک ايڪڙ زمين کي پوکي لائق بڻايو ويندو.
ٻئي طرف زميني حقيقت ھي آھي تھ سنڌ ھن وقت بھ 43 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏئي رھي آھي.پنجاب جي آبپاشي کاتي پهرين جنوري 2024 تي انڊس رور سسٽم اٿارٽي کان چولستان فلڊ فيڊر ڪينال لاءِ پاڻي جي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ ورتو ھو. جنھن تي سنڌ اعتراض ڪيو ته ارسا کي اهڙي ڪينال لاءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي .
ساڳي وقت تازو موسميات کاتي ملڪ ۾ ڏڪار جي وارننگ جاري ڪئي آهي. جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ هڪ ڊگهي وقت تائين سوڪھڙي جو امڪان آھي. ذخيرن جي خالي ٿيڻ ۽ بئراجن ۾ گھٽجندڙ وهڪري ۾ وڌيڪ گھٽتائي ظاھر ڪئي وئي آهي. وڌيڪ اھو بھ خبردار ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي ڏاکڻي علائقن، بلوچستان ۽ پنجاب جي هيٺين اوڀرين ميداني علائقن ۾ حالتون برقرار رهنديون. مجموعي طور تي ملڪ ۾ 40 سيڪڙو گهٽ برسات پئي آهيان دوران بھ سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ ٿيندي آهي، جتي سيپٽمبر 2024 کان وٺي 62 سيڪڙو گهٽ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هڪ اڳڪٿي ۾ اھو بھ ڄاڻايو ويو آھي تھ برسات جي ڊگهي مدي تائين نھ پوڻ ۽ گرمي جي وڌندڙ پد جي روشني ۾ ايندڙ مهينن ۾ ڏڪار جو به امڪان آهي.
ملڪ ۾ تربيلا ۽ چشما جا پاڻي ذخيرا ڊيڊ ليول تي پهچي ويا آهن ۽ سنڌو درياهه معمولي وهي رهيو آهي. سنڌ پاڻي جي وهڪري ۾ 51 سيڪڙو کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي هئي. ڪجهه ڪينالن کي گهربل پاڻي کان 70 سيڪڙو گهٽ ملي رھيو ھو. آبپاشي عملدار هارين کي پوک نھ ڪرڻ جي بھ درخواست ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته وھڪرن ۾ پيئڻ جو پاڻي ڇڏڻ بھ مشڪل ٿي پيو آھي. سنڌ ۾ خريف جي مند ۾اپريل جي شروعات تائين، پاڻي جي ضرورت 40 ھزار ڪيوسڪ تائين پهچي ٿي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ صوبي کي 20, ھزار ڪيوسڪ کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي.
موسمي کاتي اڳ ئي ھڪ وڏي خشڪ سالي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اپريل ۾ سنڌ ۾ گرمي پد وڌي ٿو، نتيجي ۾ مٽي ۾ بچيل گھم( وٽ) بھ سڪي ويندي آھي.انڪري پوکيل فصل سڪي وڃن ٿا.انڊس رور سسٽم اٿارٽي جو اپريل دوران 43 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو اعلا ڳڻتي ۾ وجھندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته خريف جي شروعاتي مرحلن ۾ ڪجهه سالن دوران سوڪهڙي جو تسلسل وڌيو آهي.
2010 کان وٺي سنڌو درياهه ۾ ڪا به وڏي ٻوڏ نه آئي آهي. 2022 ۾ آخري ٻوڏ غير معمولي برساتن،سنڌ ۽ بلوچستان سرحد سان وارن جبلن جيجي سلسلي مان ايندڙ وھڪري سبب آئي هئي. جيتوڻيڪ موسمياتي تبديلي ڪنھن وڏي ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پر ھن اھم معاملي کي سياسي ڌرين ئي سياسي طور حل ڪرڻ گھرجي.