واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي بينڪ پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪن ۾ ايندڙ 10 کان 15 سالن دوران لکين نوجوانن کي نوڪريون نه ملڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جو ساليانو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ روزگار کي وڏو مسئلو قرار ڏنو ويو، جڏهن ته وچ اوڀر جي صورتحال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي لاءِ نوڪرين جا موقعا وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي.
عالمي بينڪ جي صدر اجي بانگا چيو ته روزگار غربت گهٽائڻ جو سڀ کان اثرائتو ذريعو آهي.
عالمي بينڪ روزگار وڌائڻ لاءِ 5 اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي، توانائي ۽ انفرا اسٽرڪچر جا منصوبا روزگار لاءِ اهم قرار ڏنا ويا، سياحت کي هٿي ڏيڻ سان معيشت ۽ روزگار ۾ واڌ ممڪن آهي، زراعت ۽ ايگري بزنس ۾ نوڪرين لاءِ وڏا موقعا موجود آهن، جڏهن ته صحت جو شعبو به روزگار پيدا ڪرڻ ۾ اهم آهي.
You might also like