1947 ۾ هندستان ۽ پاڪستان آزاد ٿيا ۽ 1971 ۾ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو. آزادي وقت هندستان جي آبادي 35 ڪروڙ،ھاڻوڪي پاڪستان جي آبادي 3 ڪروڙ 2 لک ھئي. جڏهن ته اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) جي آبادي 4 ڪروڙ 2 لک هئي. 1947ع ۾ هندستان جي جي ڊي پي 20 ارب ۽ پاڪستان جي 3 ارب ڊالر هئي. 1971 ۾ بنگلاديش جي، جي ڊي پي 6 ارب ڊالر هئي. 1947ع ۾ هندستان جي في فرد آمدني 100 ڊالر هئي، پاڪستان جي 80 ڊالر هئي ۽ 1971ع ۾ بنگلاديش جي في فرد آمدني 100 ڊالر هئي.
هاڻي 2024 ۾ صورتحال ڪهڙي هئي. هن سال هندستان جي جي ڊي پي 4.27 ٽريلين ڊالر آهي، جنهن جي سراسري في فرد آمدني 2,940 ڊالر آهي، پاڪستان جي،جي ڊي پي 374.6 ارب ڊالر آهي، جنهن جي سراسري في فرد آمدني 1,588 ڊالر آهي، بنگلاديش جي، جي ڊي پي 481 بلين ڊالر ۽ سراسري في فرد آمدني 2,770 ڊالر آهي. ان عرصي دوران، هندستان جي آبادي وڌي ھڪ ارب 42 ڪروڙ، پاڪستان جي 25 ڪروڙ 44 لک ۽ بنگلاديش جي 16 ڪروڙ 98 لک ٿي چڪي آهي.
خواندگي جي شرح ۽ سراسري عمر تي هڪ نظر وجهون. تھ هندستان ۾ خواندگي جي شرح 77 سيڪڙو ۽ سراسري عمر 69.33 سال آهي، پاڪستان ۾ خواندگي جي شرح 62.68 سيڪڙو ۽ سراسري عمر 66.43 سال آهي ۽ بنگلاديش ۾ خواندگي جي شرح 76.36 سيڪڙو ۽ سراسري عمر 75.20 سال آهي.
مٿي ڏنل معاشي ۽ سماجي انگ اکر انھن ٽنهي ملڪن جا آهن جيڪي 78 سال اڳ ننڍي کنڊ جو حصو هئا ۽ بعد ۾ آزاد ملڪ بڻيا. توھان وٽ ضرور سوال پيدا ٿيندو ته: انهن انگن اکرن ذڪر جي پويان ڪهڙي منطق آهي؟ آزادي حاصل ملڻ ٽنھي مان ڪھڙي ملڪ لڳ ڀڳ ساڳين حالتن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آھي ۽ پوئتي رهڻ جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا. جيئن ته ناڪامي ۽ غلطين کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ اسان جي قومي مزاج جو حصو ناهي، تنهن ڪري ڀيٽ وار تجزيي دوران ڪجهه تلخ حقيقتون اسان جي صبر جو امتحان وٺي سگهن ٿيون. اڳ ۾ هندستان جو جائزو وٺون ٿا.جيڪو پاڙيسري ۽ آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي. برطانوي نوآبادياتي قبضي کان اڳ، هندستان دنيا جو سڀ کان خوش حال ملڪ هو ۽ انهيءَ ڪري ان کي سوني جھرڪي جو لقب ڏنو ويو. 1700ع ۾،عالمي جي ڊي پي ۾ ان جو حصو 24.4 سيڪڙو هو، جيڪو نوآبادياتي ڦرلٽ کان پوءِ 1950ع ۾ گهٽجي صرف 4.2 سيڪڙو ٿي ويو.ان نئين آزاد ملڪ ۾ غربت پنهنجي عروج تي هئي ۽ اهو ملڪ جيڪو ڪڏهن سون جي جھرڪي سڏبو هو،ان کي فقيرن جي ملڪ جي نالي سان سڏيو ويو. اهو هندستان لاءِ خوش قسمتي هئي ته آزاديءَ کان پوءِ اتي انڊين نيشنل ڪانگريس جي حڪومت ٺهي. ڪانگريس ۾ سماج جي هر حصي جي نمائندگي هئي. هن پارٽي جي قيادت اعليٰ تعليم يافته، روشن خيال ۽ قوم پرست سياستدانن تي ٻڌل هئي. پهريون وزيراعظم، پنڊت جواهر لال نهرو، هڪ سيڪيولر، جمهوري شخصيت هو ۽ سوشلسٽ نظرئي ڏانهن جھڪاءَ رکندڙ هو. هن پنهنجن خيالن جي بنياد تي سياسي، معاشي ۽ زرعي پاليسيون متعارف ڪرايون ۽ اڻ ڌري تحريڪ ۾ شامل ٿو، ملڪ کي سرد جنگ جو شڪار ٿيڻ کان بچايو. آزادي کان اڳ ئي، ڪانگريس وڏن زميندارن جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو، ان جي خوف کان مسلم اڪثريتي صوبن ۾ مسلمان زميندار مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا ۽ جناح جا اتحادي بڻجي ويا. ڪانگريس حڪومت 14 بينڪن ۽ ايئر لائنز سميت درجنين وڏين ڪمپنين کي قومي ملڪيت ۾ ورتو. ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ ڳري صنعتن جي قيام کي ترجيح ڏني ۽ ملڪي صنعت کي پرڏيهي مقابلي کان بچائڻ لاءِ درآمدات تي پابنديون لاڳو ڪيون. ڏهاڪن تائين هندستان جا ماڻهو مشهور يورپي ڪپڙن،گاڏين ۽ ٻاهرين دنيا جي ٻين جديد ۽ پرڪشش شين لاِ سڪندا ھئا. وزيراعظم سميت سڀئي هندستاني سالن تائين پراڻي زماني جي ماروتي ڪارن ۽ بسن ۾ سفر ڪندا رهيا. سٺي ڳالهه اها هئي ته ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ ٺهيل شين کي استعمال ڪرڻ تي فخر ڪندا هئا. اڄ تائين، هندستان جي ڪنهن به وزيراعظم سوٽ نه پاتو آهي ۽ نه ئي انگريزي ۾ ڳالهائڻ کي فخر جي ڳالهه سمجهيو آهي. مخلوط معيشت جي تجربي هندستان ۾ هڪ وڏو صنعتي شعبو پيدا ڪيو جنهن جون شيون مقامي طور تي استعمال ٿيون، جيڪا هڪ مضبوط معيشت جي نشاني آهي. زرعي ترقي ۽ غربت گهٽائڻ لاءِ وڏي امداد ڏني وئي ۽ ڪمزور طبقن ۽ پٺتي پيل ذاتين لاءِ داخلا ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا مختص ڪري تمام گهڻو سياسي دٻاءُ برداشت ڪيو ويو. چاليهه سالن جي صبر سان ڪيل آزمائش جا حقيقي ميوا تڏهن نظر اچڻ لڳا جڏهن دنيا جي وڏين ملٽي نيشنل ڪمپنين پاران سيڙپڪاري لاءِ نئين مارڪيٽن جي طلب تيز ٿيڻ لڳي. هن مرحلي تي، نرسمها رائو جي حڪومت هندستان کي آھستي آھستي دنيا لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو. کانئس پوءِ من موهن سنگهه ۽ اٽل بهاري واجپائي اهو عمل جاري رکيو ۽ موجوده وزيراعظم نريندر مودي پڻ انهن پاليسين کي لاڳو ڪندي هڪ معاشي جادو ڪري ڏيکاريو. 2014 کان 2024 تائين ڏهن سالن ۾هندستان جي جي ڊي پي ٻيڻي ٿي، جيڪا 2.1 ٽريلين ڊالر کان وڌي 4.2 ٽريلين ڊالر ٿي وئي. هندستان پنهنجي اڳوڻي آقا برطانيه کان دنيا جي پنجين وڏي معيشت جو لقب کسي ورتو آهي. هي اهو ئي برطانيه هو جنهن ٻھ سؤ سالن تائين ننڍي کنڊ جي ڦرلٽ ڪئي.جنھن کان ھندستان حساب 75 سالن ۾ چڪتو ڪري ورتو.
اھري ريت بنگلاديش پنهنجي وجود جي شروعاتي ڏهاڪن ۾سنگين بحران جو شڪار ٿيو. پر بعد ۾، سياسي استحڪام، مارڪيٽ دوست سڌارا، ۽ مضبوط معاشي پاليسين ان کي عالمي سيڙپڪارن جي ڌيان جو مرڪز بڻايو. ان پنهنجي انساني وسيلن جو بهترين استعمال ڪيو ۽ ٽيڪسٽائل شين ۽ ڪپڙن جي صنعت کي اڳيان آندو ۽ دنيا ۾ انهن شين جو ٻيو نمبر وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو. بنگلاديش جون برآمدات 60 ارب آهن، جيڪي پاڪستان جي ڀيٽ ۾ تقريبن ٻيڻيون آهن. ننڍا ۽ وچولي درجي جا ادارا (SMEs) بنگلاديش ۾ سڀني ڪاروبارن جو 90 سيڪڙو آهن. هن وقت ان جا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 26 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن. بنگلاديش زمين جي کوٽ ۽ موسمياتي تبديلي جي باوجود زراعت ۾ اهم ترقي ڪئي آهي، جي ڊي پي ۾ 11 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ڏئي رهيو آهي.
سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي حوالي سان اسان کي ٻنهي ملڪن سان ڀيٽ لازمي ڪرڻ گهرجي. هندستان پنهنجو سفر ڪجهه بنيادي اصول طيھ ڪندي شروع ڪيو. پهرين ترجيح وفاقي پارلياماني جمهوريت جي قيام کي ڏني وئي ۽ وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ، دنيا جو سڀ کان وڏو تحريري آئين تيار ڪيو ويو. اسان لاءِ جمهوريت اهم نه هئي، تنهن ڪري ملڪ جي ٽٽڻ کان پوءِ مجبور جي حالت ۾ 1973 جو آئين جوڙي لاڳو ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ آئين ۽ ان جي ٺاهيندڙن جو حشر اسان جي سامهون آهي. هندستان ٻيو اصول اھو طيھ ڪيو ته جمهوري عمل ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وڌي ويندي، چاھي حالتون ڪهڙيون به هجن. ان جي ابتڙ اسان اڻ اعلانيل فيصلو ڪيو ته جمهوريت کي ڪڏهن به مستحڪم ٿيڻ نه ڏبو. 1999 تائين 18 وزيراعظم آيا ۽ ويا ۽ ڪو به اڍائي سالن کان وڌيڪ نه رهيو. اسان جي پاڙيسري بنيادي صنعتون قائم ڪيون، قومي صنعتڪار کي تحفظ ڏنو، ۽ درآمدات تي سخت پابنديون لڳايون. اسان ابتڙ پاليسي اختيار ڪئي. ملڪ کي اولھھ جي منڊي بڻائي ڇڏيو.اولھھ جي شين جي استعمال کي فخر جو سبب سمجهيو. اڄ جيڪي استعمال ڪندا آهيون انهن مان گهڻيون شيون درآمد ٿيل آهن يا درآمد ٿيل خام مال مان ٺهيل آهن. هندستان هڪ غير وابسته پرڏيهي پاليسي اختيار ڪئي، اسانسيٽو ۽ سينٽو ۾شامل ٿياسين ۽ اولهه جي ڄار ۾ ڦاٿاسين. پاڙيسري واپار کي ۽ اسان امداد کي ترجيح ڏني. اهي اُٺن تي آمريڪي ڪڻڪ جون ٻوريون سٿي۽ انهن جي ڳچيءَ ۾ "شڪريھ آمريڪا” جي ختخي ٽنگي گهٽيءَ ۾ مارچ ڪيو. 77 سالن کان پوءِ اسان اڃا تائين امداد تي زندهه آهيون. سخت حقيقتن جي فهرست جيڪا اسان پڙهڻ ۽ ٻڌڻ برداشت نٿا ڪري سگهون، ڊگهي آهي، تنهن ڪري اسان هن ڀيٽ کي ٻن اهم نقطن سان ختم ڪريون ٿا. هندستان تعليم ۽ ان جي ان جي معيار کي اھميت ڏني. آزاديءَ بعد آگسٽ 1951ع ۾، تعليم جي وزير مولانا ابوالڪلام آزاد، آمريڪا ۾ ميساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي (MIT) جي نموني تي ٺهيل انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (IIT) جو افتتاح ڪيو، ۽ 1956ع ۾، وزيراعظم جواهر لال نهرو ان جي پهرين ڪانووڪيشن ۾ مکيه مهمان هو. هن وقت، هندستان جي 23 شهرن ۾ اعليٰ درجي جي IITs ادران جو افتتاح ڪيو.جن تي سالانو هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿيندو آهي. انهن ادارن جي پيشه ور ماڻهن جي سڄي دنيا ۾ گهرج آهي. بهتر ٿيندو جيڪڏهن اسان جي يونيورسٽين جي معيار ۽ مالي مسئلن جو ذڪر نه ڪيو وڃي. هاڻي ٻئي نقطي جو ذڪر ڪريون ٿا. هندستان ۾ بدترين سياسي اختلافن جي باوجود، معاشي پاليسي نه رڳو جاري رکي وئي پر ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو. ڪانگريس جي وزيراعظم نرسمها رائو پاران شروع ڪيل سڌارن جو سلسلو بعد ۾ ايندڙ حڪومتن جاري رکيو.
بنگلاديش جي ڪارڪردگي به اسان کان گھڻو بهتر آهي. ان جو سبب ڪاروبار دوست معاشي سڌارا ۽ انهن تي مڪمل عملدرآمد آهي. خالده ضياءَ کان وٺي حسينه، واجد ۽ محمد يونس جي موجوده حڪومت تائين، انهن معاشي پاليسين کي جاري رکيو، غير پيداواري خرچن کي گهڻو وڌڻ نه ڏنو، انساني وسيلن جودرست استعمال ڪيو، عورتن کي روزگار فراهم ڪري بااختيار بڻايو ۽ سڀ کان اھم ھي تھ انهن آبادي کي ڪنٽرول ڪيو. 1971ع ۾، بنگلاديش جي آبادي اسان کان وڌيڪ هئي ۽ ان جي آبادي اڄ 16 بدران 26 ڪروڙ کان وڌيڪ ھجڻ گھرجي.ها. تصور ڪريو ته جيڪڏهن اسان آبادي کي گهٽ رکون ها ته انگ اکر ڪيترا مختلف هجن ها.
مٿي ڏنل ڀيٽ وار تجزيي مان اسان جي پسماندگي جا جيڪي سبب ظاهر ٿيا آهن، اهي حقيقت ۾ اسان جي اندر موجود منفي سوچ ۽ عمل جو منطقي نتيجو آهن. اھا منفي سوچ اسان جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. تعليمي نصاب ۾ شامل تاريخ ۽ پاڪستان اڀياس جا مضمون اسان جي منفي ذهن سازي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي ڪري اسان پنهنجي ناڪامين جي ذميواري پاڻ قبول نٿا ڪريون، بلڪه ان کي ٻين جي سازش قرار ڏئي ڳالهه ٻولهه ختم ڪريون ٿا.
عقل جي گھرج آهي ته هاڻي ناڪام تجربن کي نه ورجايون، پر انهن ٻنهي ملڪن جي ڪامياب تجربن مان فائدو وٺون. اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن اسان پاڻ ۾ "ازلي دوست ۽ ازلي دشمن” جي تنگ دائري مان ٻاهر نڪرڻ جي همت پيدا ڪريون. هڪ ڀيرو اھو نسخو آزمائي ڇو نھ ڏٺو وڃي ؟