سنڌ ڌرتي جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جي اڄ 13هين ورسي جو ڏينهن ڏهاڙو آهي، هن سنڌ مٿان لطيف سائين جي هن سٽن جيان پنهنجو سر گهُري ڇڏيو ته… "هي سر هڪڙو آڇائيندي پنهل کي لڄ مران جي هُجن سر گهڻا ته واري واري وڍيان”
شهيد بشير خان جي لازوال زندگيءَ جو جائزو وٺنداسين ته سندس سموري زندگي سنڌ لاءِ ڀرپور جدوجهد ۾ گذري جنهن ۾ سندس نمايان جدوجهد سنڌو درياھ جي پاڻي لاءِ رهي آهي، اڄڪلھه جيڪو ڪمو شهيد وارو ڌرڻو عام طور تي مشهور آهي جنهن جو هر ماڻهو مثال ڏئي رهيو آهي، ان ڌرڻي جي صدارت شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪري رهي هُئي ۽ جيئي سنڌ جي طرف کان سائين جي ايم سيد جو پٽ سيد امداد محمد شاھ نمائندگي ڪري رهيو هو، جڏهن ته جسقم ڪارڪن جي وڏي قافلي سان شهيد بشير خان قريشي به ڌرڻي ۾ شامل هو،
جڏهن ته ان ڌرڻي کان پهرين بشير خان مسلسل ٻه سال 1997ع ۽ 1998ع تائين سنڌو درياھ واري پاڻي جي مسئلي تي سرگرم عمل رهيو جنهن تي پيپلزپارٽي سائين امداد محمد شاهه سان رابطو ڪري سنڌ جي پاڻي مسئلي تي گڏيل ڌرڻي جو ماحول ٺاهيو جنهن بعد اهو ڌرڻو 1998ع ۾ سنڌ پنجاب جي دنگ تي ڪمو شهيد وٽ لڳو هو،
شهيد، جي پاڻي لاءِ مسلسل جدوجهد ۽ تحريڪ روڊن تي ڌرڻا سنڌ ۾ شٽر بند هڙتال، ٽرانسپورٽ بند هڙتال ۽ عام هڙتالن (شٽر بند ۽ ٽرانسپورٽ بند هڙتال) جو رواج وڌو ۽ سڄي سنڌ ۾ اهو رواج عام ٿي ويو، ايتري قدر جو سنڌ جي ماڻهن هر ناانصافي تي روڊ بند ڪرڻ شروع ڪيو، روڊ تي ڌرڻا هڻن شروع ڪيا جيڪو ڪريڊٽ شهيد بشير خان قريشي ڏي ئي وڃي ٿو،
اڄ جڏهن پنجاب سنڌو درياھ مٿان 6 ڪينال ٺاهڻ تي بضد آهي ۽ سڄي سنڌ متفقه طور تي بنا ڪنهن سياسي، مذهبي يا مت ڀيت جي سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ سر اُپاءُ احتجاج آهي ته اُتي شهيد بشير خان قريشي کي به ياد ڪيو وڃي ٿو، هي صدائون به ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن ته "سنڌ سڏئي ٿي شهيد بشير خان موٽي آ” سنڌ جي ماڻهن 2001ع 10 جون تي شهيد بشير خان قريشي جو سکر باءِ پاس، ٻٻر لوءِ واري تاريخي ڌرڻي کي به ناهي وساريو، جنهن ڌرڻي لاءِ مُک قافلي جي اڳواڻي شهيد بشير خان موري شهر کان ڪئي.
شهيد ان وقت 13 ڪيسن کان وڌيڪ ڪيسن ۾ روپوش هو، پاڻ انقلابي طريقي سان قافلي جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ موري پهچي قافلي ۾ شامل ٿيو، شهيد جي قافلي جي هر مُک شهر ۾ پوليس وڏيون رڪاوٽون وجهي قافلي کي ڌرڻي واري هنڌ تي پهچڻ کان روڪيندي رهي پر جسقم ڪارڪن روڊ تي بيٺل ٽريڪٽر ٽراليون، وڻ جا ٿُڙ هٽائيندا تيزي سان اڳتي هلندا رهيا، پوليس جي مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاءِ بسن ۾ پاڻي جا ڪولر ڀريل هئا هر ڪارڪن کي هٿ ۾ رومال هو جيئن پوليس جي طرف کان شيلنگ ٿئي ته پاڻي ۾ رومال پُسائي اکين تي هڻجي، ان عمل سان شلينگ جو اثر گهٽجي وڃي ٿو، شهيد جو قافلو جيئن خيرپور ميرس ضلعي جي حدن ۾ پهچي ٿو ته پوليس جون رڪاٽون وڌي وڃن ٿيون، پوليس ڌرڻي واري گاڏين جا ٽائر برشٽ ڪرڻ لاءِ گولين جو استعمال ڪري ڏنو، جنهن سان ڪارڪن ۾ وڌي تاءُ ۽ مزاحمت جو جذبو اُڀري پيو ڪارڪن کي جيڪو هٿ ۾ پئي آيو اهو پنجاب ويندڙ گاڏين تي اُڇلائي گاڏين جا شيشا پئي ڀڳا، شهيد بشير خان قريشي جنهن بس ۾ موجود هو ان بس ۾ مان ۽ ڪوٽڙي جو ڪامريڊ جعفر منگريو به موجود هو، مزاحمت وڌي وئي هڪ مخصوص ٽولو بابا ڪٿي آهي جي ڪوڊ لفظ سان شهيد بشير خان قريشي کي ڳولهي رهيا هئا ته ڪهڙي گاڏي ۾ آهي، پر مزاحمت وڌڻ سبب ڪوٽڏجي وٽ شهيد بشير خان به روڊ تي لهي پيو سندس وات تي اُهي لفظ هئا ته "جنگ ڪريو” جنگ ڪريو” جيئن سنڌ لاءِ جدوجهد لازمي هُئي ۽ جدوجهد لاءِ شهيد بشير خان قريشي جو ٻاهر هجڻ لازمي هو تنهن ڪري جسقم ڪارڪن شهيد بشير خان قريشي کي گرفتار ٿيڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي ليڊر کي گرفتار کان بچائي ورتو، پوليس سان هٿين خالي مزاحمت ڪندي 600 کان مٿي ڪارڪن گرفتار ڪيا ٿيا هئا جن ۾ ڪوٽڙي جي قافلي مان جعفر منگريو، نياز کوسو، غلام رسول بروهي به گرفتار ٿيا جن گرفتار ڪارڪن کي 10 جون ڌرڻي جو اسير ۽ پاڻي جدوجهد جو هيرو چئجي ٿو،
سو پاڻي تي پنجاب جو سنڌ سان تڪرار اڄ جو معاملو ناهي جيڪڏهن تاريخي پسمنظر ۾ پاڻي ڪيس جو جائزو وٺنداسين ته پنجاب سنڌ سان پاڻي واري مسئلي تي پراڻو اُلجهيل نظر ايندو! تنهن ڪري اڄ هن مضمون ۾ هڪ پاڻي ماهر طور نه صحيح پر پاڻي جي جدوجهد ۾ سرگرم رهندڙ هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان سنڌ جي پاڻي ڪيس جو تاريخي پسمنظر ۾ جائزو وٺنداسين، پاڻي ماهرن جون رپورٽون، ڪتاب، مضمون ۽ بيان ٻڌائڻ ٿا ته پنجاب جون سنڌ سان پاڻي واري مسئلي تي ناانصافيون پاڪستان جي وجود کان اڳ جون آهن! يعني ائين کڻي چئجي ته پنجاب سنڌو درياھ جي پاڻي جو اصل کان ويري رهيو آهي!