ڀارت، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت طور سڃاتو وڃي ٿو، اڄڪلهھ هڪ اهڙي سياسي تبديليءَ جي مرحلي مان گذري رهيو آهي، جتي جمهوريت جي بنيادي اصولن جهڙوڪ مساوات، اظهار جي آزادي، قانون جي حڪمراني ۽ اداراجاتي خودمختياري تي سوال اُٿاريا پيا وڃن. ان کان علاوه، اقليتي برادرين جا سماجي، مذهبي ۽ شهري حق شديد خطري ۾ آهن، جڏهن ته صحافتي آزادي، جيڪا جمهوريت جو اهم ستون سمجهي وڃي ٿي، تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. نوجوان نسل، جيڪو ڪنهن به ملڪ جي مستقبل جو ضامن هوندي آهي، ان جي تعليم، روزگار ۽ فڪر جي آزادي جا مسئلا اڃا تائين حل نه ٿي سگهيا آهن ۽ اهي وڌيڪ پيچيده ٿي چڪا آهن. ان نازڪ صورتحال ۾ نريندر مودي جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ ڀارتيہ جنتا پارٽي (بي جي پي) جي پاليسين جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. هي پارٽي هندو قوم پرستي کي پنهنجي نظرياتي محور طور اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن سان ڀارتي سياست جو رخ اهڙي طرح بدلجي رهيو آهي جو قومي سڃاڻپ جي بجاءِ فرقيواراڻي، مذهبي ۽ ثقافتي شناخت جو لاڙو وڌي رهيو آهي. بي جي پي جي اهڙي رويي سان نه صرف مذهبي اقليتن، خاص ڪري مسلمانن کي اجتماعي طور ڌاريو ڪيو ويو آهي پر ڀارتي سماج جي نسلي، لساني ۽ علائقائي هم آهنگي به متاثر ٿي رهي آهي. نتيجي طور، ڀارت جي "سيڪيولر” ۽ "گڏيل قوميت” واري سڃاڻپ هڪ ماضيءَ جو قصو بڻجي رهي آهي.
ڀارت ۾ موجوده سياسي ماحول ۾ هندو قوم پرستي جو لاڙو مضبوط ٿيو آهي، جيڪو بي جي پي جي حڪومتي پاليسين ۽ نريندر مودي جي قيادت ۾ شدت سان اُڀريو آهي، جنهن ۾ مذهبي هم آهنگيءَ، تنوع ۽ شراڪت واري قومي ڍانچي کي هڪ خاص رنگ ۾ رنگڻ جون ڪوششون جاري آهن. رام مندر جي تعمير، جيڪو مذهبي احساسات کي تسڪين ڏيڻ کان وڌيڪ هڪ سياسي علامت بڻجي چڪو آهي، ان جي ذريعي "هندوتوا” جي فتح جو تصور پيش ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه، شهريت ترميمي قانون (CAA) ۽ نيشنل رجسٽر آف سٽيزن (NRC) جهڙن قدمن ذريعي شهريت کي مذهب سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا ڀارتي سيڪيولر آئين جي سڌي لتاڙ آهي. ان پاليسي سان نه صرف مسلمانن کي حاشيي تي ڌڪيو ويو آهي، پر دلت، عيسائي ۽ ٻين مذهبي اقليتن ۾ به بيچيني وڌي آهي. هندو قوم پرستي جي نالي ۾ "گئو رکشا” ۽ مسجدن خلاف نفرت انگيز مهمن جو وڌندڙ رجحان سماجي اڻبرابري پيدا ڪري رهيو آهي، جيڪو هندستان جي گڏيل قومي تشخص کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. هي صورتحال ثقافتي، سماجي ۽ انساني حقن جي نقطه نظر کان به ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آهي. جيئن هندو قوم پرستي جو رجحان مضبوط ٿي رهيو آهي، تيئن ڀارت جي ڪثرت ۾ وحدت واري سڃاڻپ کي وڌيڪ خطرا درپيش آهن. قوم پرستي جو اهو تصور، جيڪو ٻين مذهبن ۽ برادرين جي اخراج تي ٻڌل آهي، ڀارتي آئين جي خلاف ورزي آهي، جيڪو سڀني شهرين کي برابر جا حق ڏيڻ جو واعدو ڪري ٿو.
ڀارت جو آئين، جنهن کي سيڪيولر ۽ جمهوريت جي بنياد تي سڃاتو ويندو هو، اڄ ان جي بنيادي شقن کي غير محسوس طريقي سان غير مؤثر بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن. جتي اڳي ڀارت جي سياسي، عدالتي ۽ انتظامي ادارن جي آزاديءَ تي فخر ڪيو ويندو هو، اڄ اهي ادارا حڪومت جي اثر هيٺ اچي چڪا آهن. عدليا، جيڪا ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ انصاف جو آزاد ۽ غيرجانبدار ادارو هجڻ گهرجي، اڄ وڏي پيماني تي شڪايتون ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳيون آهن ته وڏن ڪيسن ۾ فيصلا حڪومت جي مرضيءَ مطابق ٿي رهيا آهن. انساني حقن جي پائمالي ۽ اقليتن خلاف ظلم جي معاملن ۾ سپريم ڪورٽ جي خاموشي يا دير هڪ نئين روايت بڻجي چڪي آهي، جيڪا عدالتي خودمختياريءَ تي سوال اٿاري ٿي. چونڊ ڪميشن، جيڪا جمهوري نظام جي محافظ آهي، اڄ ان تي بي جي پي جي اثر هيٺ ڪم ڪرڻ جا الزام لڳن پيا. اليڪشن ڪيمپن دوران حڪومتي وسيلن جو بي رحميءَ سان استعمال، ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ ميڊيا جي مدد سان هڪ طرفو تاثر پيدا ڪرڻ جهڙا عمل جمهوريت جي اصولن سان مذاق بڻائي رهيا آهن. سڀ کان ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته عام شهري خاموش ٿي چڪا آهن يا "قوم دشمن” ۽ "شهريت مخالف” جي الزام هيٺ سوال ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن. اختلاف کي ختم ڪرڻ جي ڪوششون ايتريون وڌي ويون آهن جو اڄ ڀارت ۾ "اختلاف” کي بغاوت سمجهيو پيو وڃي.
ٻئي طرف، ڀارتي سياست ۾ بي جي پي جي وڌندڙ غلبي ۽ ان جي قوم پرست بيانيي جي مقابلي ۾ "انڊيا الائنس” جو ٺهڻ هڪ اميد جي ڪرڻي طور سامهون آيو آهي. اهو اتحاد مختلف مخالف سياسي جماعتن جي گڏيل ڪوشش جو نتيجو آهي، جن جو مقصد بي جي پي جي اقتداري ڇڪتاڻ، جمهوري قدرن جي زوال ۽ سماجي هم آهنگيءَ جي ٽٽڻ خلاف نئون سياسي مورچو قائم ڪرڻ آهي. انڊيا الائنس ۾ شامل جماعتون جهڙوڪ انڊين نيشنل ڪانگريس، عام آدمی پارٽي، ترنمول ڪانگريس، راشٽريه جنتا دل، سماج وادي پارٽي، ڊي ايم ڪي ۽ ٻين علائقائي پارٽين کي عوام تائين اهو پيغام پهچائڻو آهي ته بي جي پي ئي واحد متبادل ناهي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ گڏيل جدوجهد ضروري آهي. پر انڊيا الائنس کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آهي. اول، انڊيا الائنس ۾ شامل جماعتن جو سياسي ۽ نظرياتي ڍانچو هڪجهڙو نه آهي. جتي ڪانگريس وفاقيت، سڪيولرزم ۽ اعتدال پسنديءَ جي حامي آهي، اتي ڪجهه علائقائي پارٽيون صرف مقامي مفادن تائين محدود آهن. ٻيو، انڊيا الائنس وٽ اڃا تائين ڪو مضبوط ۽ مقبول اڳواڻ سامهون نٿو اچي، جيڪو نريندر موديءَ جي سياسي ۽ عوامي سطح تي مقابلو ڪري سگهي. راهول گانڌي ۽ اَروِند ڪيڄريوال ۾ اعتماد جو فقدان ۽ سياسي مقابلا اتحاد جي استحڪام تي سوال اٿارين ٿا. اهو پڻ اهم آهي ته ميڊيا جو وڏو حصو بي جي پي جي پاليسين جي ترجماني ڪري ٿو. مخالفن لاءِ ميڊيا جو در بند هجڻ، انهن جي پيغام کي عوام تائين پهچائڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. بي جي پي جي سياست جو هڪ اهم هٿيار "ڌارمڪ ووٽ بئنڪ” آهي، جنهن ۾ هندو-مسلم ورهاست، رام مندر ۽ قوم پرستيءَ جي نالي تي جذبات کي ڀڙڪايو وڃي ٿو ۽ بي جي پي جي اھا حڪمتِ عملي هميشه کان موثر ثابت ٿي آهي. انڊيا الائنس جي عوامي ايجنڊا باوجود، ڌارمڪ سياست عوامي ذهن ۾ وڌيڪ اثرائتي سمجهي وڃي ٿي.
چاهي انهن سڀني چئلينجن باوجود، انڊيا الائنس ڀارت جي سياسي منظرنامي ۾ نئين بحث، سوالن ۽ جوت جو نالو آهي. جيڪڏهن هي اتحاد عوامي مسئلن، نوجوانن جي بي روزگاري، اقليتن جي تحفظ ۽ جمهوري قدرن جي بحاليءَ تي سنجيده ۽ گڏيل موقف اختيار ڪري ٿو ته بي جي پي جي سياست کي چيلينج ڪري سگهي ٿو. پر سڀ کان وڏو سوال اهو آهي: ڇا هي اتحاد واقعي عوام جي بهبود لاءِ آهي، يا صرف بي جي پي جي سامهون هڪ سياسي مقابلو؟ هن سوال جو وقت سان گڏ تاريخ پاڻ جواب ڏيندي