سِنڌ ڌرتي ھزارين اَنيڪ ڌرتي ڌڻين کي جنم ڏنو آهي، جيڪي ھميشه تاريخ بڻجي ويا آھن، جَن جو ادب، نياز ۽ نوڙت جا مثال ھميشه قائم رھن ٿا، ته ڪي وري پنھنجي وطن ۽ قوم لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ تيار رھن ٿا. پنھنجو عشق، سَچائي، وفائي ۽ پنھنجي ديس لاءِ سِر ارپي ڇڏين ٿا. اُنھن بھادر عظيم انسانن جو مثال انوکو آهي، اُنھن کي پنھنجي زندگيءَ جي پرواهه ناھي ھوندي، ھر وقت پنھنجي ديس جي پرواهه ھوندي آھي، پنھنجي ديس جي تڙپ ھر وقت سيني ۾ سمايل ھوندي آھي. سنڌ ڌرتي اھڙا ڪيترائي جوڌا پيدا ڪيا آهن، جَن پنھنجا حَسين زندگيءَ جا خواب محبوبه ڌرتيءَ لاءِ قربان ڪري ھميشه لاءِ امر ٿي ويا، اُنھيءَ سنڌ ڌرتيءَ جي خمير مان پيدا ٿيل ڳاڙهو ڳڀرو قدآور نوجوان شھيد بشير خان قريشي به ھڪ آھي. شھيد بشير خان قريشي اُھا حق سچ جي صداقت ھو، جيڪو ھميشه سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن لاءِ منصور جو آواز بڻجي جھر جھنگ ۾ نڪري پوندو ھو.
شھيد بشير خان قريشي سنڌ جي جدوجھد جو نالو ھو، شينھن جھڙو گجگوڙ آواز ھو، هُن جي ڌرتيءَ سان عشق ڪرڻ واري سلسلي عظيم مثال پيدا ڪيا. ڌرتيءَ تي ڌارين جي لوڌ اچي جڏهن قابض بڻي ته بشير خان قريشي اُنھن خلاف عملي جدوجھد ڪئي، ڪالاباغ ڊئم، ڌارين آبادڪاري، ذوالفقار آباد رٿا، غلاميءَ واري ڪاريھر نانگ کي کير پيارڻ جون ڳالهيون ٿين ته ھِن نوجوان جوڌي مڙس پنھنجي وڏي قد جيان ڪڙڪي واري آواز ۾ سنڌ امڙ جو قسم کڻي سنڌ دشمن جي منصوبن خلاف جدوجهد ڪئي. پنهنجي ڌرتيءَ جي دڳن ۽ ننگن لاءِ هي جوان جبل ٿي دشمن اڳيان آيو. سنڌ ڌرتيءَ جي خمير مان جنم وٺندڙ شهيد بشير خان قريشي جهڙا جوڌا پيدا ڪري پنهنجي لاءِ هڪ حفاظتي ديوارِ چين ٺاهي هئي، جڏھن به سنڌ ڌرتيءَ جي سينڌ اجاڙڻ لاءِ ڪو غاصب ۽ رھزن ھِن ڌرتيءَ تي وار ڪرڻ جو سوچيندو ھو ته اُن خلاف پهريان عملي جدوجهد ڪرڻ وارو ڪو ٻيو نه، پر شهيد بشير خان قريشي ئي هوندو هو.
ھُن کي سيد يونيورسٽي مان اُھو درس مليل ھو، جنھن سان سنڌي قوم غلاميءَ واري زندگيءَ مان نجات حاصل ڪري ۽ پنھنجي ڌرتيءَ تي پنھنجي سنڌي ماروئڙن جو اختيار ھجي، پنھنجي جان سنڌ ڌرتيءَ لاءِ وقف ڪري ۽ پنهنجي حَسين جواني ڌرتيءَ لاءِ ارپي ڇڏي ۽ آخر اُھو ٿيو به اُهو ئي! نه رڳو ايترو شهيد بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جي نقشِ قدم تي هلندي، پيار ۽ محبت واري واٽ جي آڱر پڪڙي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ نڪتل نوجوان قومپرستيءَ ۾ عدم تشدد جي واٽ وٺي ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ کڻي هلڻ لاءِ به حامي ڀري هئي. ھُن جي سچائي جي ڪري سن جي سيد جي ڇپر ڇانوَ رھندي ھئي، هُن جو ڌرتيءَ لاءِ پيار ۽ سچائي ڏسي سن جي سيد جي سندس مٿان پيار جي ھميشه نظر رهندي هئي. هُو نياز ۽ نوڙت جي ڪري حيدر شاهه سنائي جي خاندان جي تمام ويجهو پڻ رهيو، جڏهن جيئي سنڌ هلچل تحريڪ جو بنياد پيو ته ڪيترائي ماڻهو هئا، جن هلچل تحريڪ ۾ ساهه وڌو، پر سائين جي ايم سيد کانپوءِ جسقم کي سيد جي عدم تشدد واري واٽ تي هلائڻ وارو شهيد بشير خان قريشي ئي هو، جنهن سيد جي يونيورسٽيءَ مان ورتل درس ذريعي جسقم کي سنڌ جي ماڻهن جي حقن خاطر جدوجهد ڪرڻ واري هڪ وڏي تنظيم بڻايو، تنظيم جي هر ڪارڪن جي دِل ۾ شهيد جي ڌڙڪن شامل هئي ۽ آهي. شهيد بشير خان قريشي جون يادون هر قومي ڪارڪن جي دِل ۾ اڄ به آهن، جنھن لاءِ سنڌ ڌرتيءَ جي مزاحمتي شاعر استاد بخاري چيو:
جو قوم جيئاري، سو جيئندو رهندو،
جو عام اُجاري اُهو جيئندو رهندو،
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پَڪ آ،
جو سنڌ سنواري اُهو جيئندو رهندو!
اهڙي طرح شھيد بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جي ڏسيل واٽ تي ھلي ھميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ اُن جي حاصلات جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندو رھيو. بشير خان قريشي روايتي سياستدان نه هو، ھُن جو تعلق صفا هيٺين وچولي طبقي جي هڪ ڪٽنب سان هو، سندس والد غلام مرتضيٰ قريشي پنهنجي ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي هلائيندو هو ۽ اناج جو واپار ڪندو هو. هُن کي سنڌ جي مظلوم قوم جي درد جو هر وقت اونو رهندو هو، توڙي جو پاڻ روپوش به رهيو، پر سيد جي حاضري ڀرڻ ۽ ڪارڪنن سان ملڻ کي جدوجهد جو حصو سمجهيائين. شهيد بشير خان قريشي ڪارڪنن سان ڏاڍو پيار ڪندو هو، ڇو جو هُن کي خبر هئي ته جدوجهد جي هِن رستي تي اُهي دليون اينديون آهن، جيڪي ٽُٽل هونديون آهن. شهيد بشير خان قريشي ڪارڪنن جي ٽُٽل دلين جا درد جهٽ پٽ پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيندو هو.
موت اسان کان شهيد بشير خان قريشي جدا ڪري ڇڏيو. اُها ڌڙڪندڙ دِل جيڪا اسان جي سيني ۾ ڌڙڪندي هئي، اڄ اُھا ڌڙڪن ھميشه هميشه لاءِ بند ٿي وئي، مٽيءَ سان ٿي مٽي رلجي وئي، ٽُٽل دليون ڏکيون ڳنڍجن. سنڌ جو عاشق اهڙي پار هليو ويو، جتان ڪڏهن ڪو واپس ناهي وريو، اُھي اکيون ۽ راھون اڄ اُنھن ويران رستن ڏانھن نھارين ٿيون، جتان اسان ڌڙڪن جو آواز ٻُڌي وڏو اسان ڏانهن ھليو ايندو. اڄ تون اُن ماڳ ڏانهن ھليو وئين، جتان ڪڏهن ڪوئي به ناھي موٽندو، پر تنھنجي جدوجهد ۽ تنھنجي شھادت سنڌي قوم لاءِ ھڪ انوکو مثال بڻجي وئي ۽ آجپي جا متوالا اڄ به تنھنجي شھادت کي ياد ڪندي وطن تان قربان ٿيڻ جا وچن ورجائيندا رهن ٿا ۽ تنھنجي شھادت کي وڏا سُنھري اکرن سان ياد ڪندا رھن ٿا، جنھن لاءِ سنڌ ڌرتيءَ جي سرتاج شاهه عبداللطيف فرمايو:
ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ سِجَ کان پوءِ،
پَسو سُونهَن ساميءَ جي، رَتَ وَرنو روءِ،
جو مُنهِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنهِن مَسَ ٿِئي!