دبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪار سجاد علي بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن مداحن جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي. جن ۾ سندس پرڏيهه ۾ رهائش ۽ حب الوطني سان جڙيل هڪ واقعي جو ذڪر ڪيو پيو وڃي.
سجاد علي جي هڪ ويجهي دوست تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته دبئي ۾ رهائش دوران هڪ ڀارتي آفيسر سجاد علي کي ڀارتي شهريت اختيار ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، جنهن تي سجاد علي فوري ۽ واضح جواب ڏيندي چيو ته ”مون پنهنجو ملڪ ڇڏيو آهي، کپايو ناهي.“
هي بيان سامهون اچڻ کانپوءِ مداحن طرفان سجاد علي جي حب الوطني کي ساراهيو پيو وڃي ۽ سوشل ميڊيا تي سندس حق ۾ هاڪاري ردعمل ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.
واضح رهي ته سجاد علي پاڪستان جو ليجنڊري گلوڪار آهي جنهن 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو ۽ پنهنجي انوکي آواز ۽ موسيقي جي ڪري جلد ئي شهرت جي بلندين تي پهچي ويو.
رپورٽن موجب، سجاد علي گذريل ڪجهه سال اڳ آمريڪي رياست ڪئليفورنيا جي شهر لاس اينجلس شفٽ ٿي ويو آهي.