ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽرئفڪ مسئلن کي مدنظر رکندي نون ٽرئفڪ ۽ روڊ سيفٽي قانون لاڳو ڪيو ويو آهي، قانونن جو فيصلو آءِ جي ٽرئفڪ پوليس جي زير صدارت اجلاس ۾ ڪيو ويو، جتي ٽرئفڪ جي رواني کي بهتر بڻائڻ ۽ محفوظ رستن لاءِ سخت قدمن جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ٽرئفڪ قانونن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو، نوان قانون ٽرانسپورٽرز، موٽر سائيڪل سوارن، ۽ چنگچي رڪشائن تي لاڳو ٿيندا، روڊ تي پاڻي هاريندڙ واٽر ٽينڪرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ هيلمٽ پائڻ ضروري هوندو، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو، اهڙي طرح موٽر سائيڪل سوارن لاءِ چين اسپيڪٽ تي چين ڪور لڳائڻ لازمي ٿيندو، جڏهن ته هيڊ لائٽ، ٽيل لائٽ، هيزرڊ لائٽ ۽ انڊيڪٽرز صحيح حالت ۾ هجڻ گهرجن، رجسٽريشن پليٽون ٻنهي طرفن تي نمايان هجڻ گهرجن، موٽر سائيڪل سوارن لاءِ رير ويو مررز جو استعمال لازمي هوندو ۽ انهن کي هميشه ڊرائيونگ لائسنس گڏ رکڻو پوندو، لين جي پابندي موٽر سائيڪل سوارن لاءِ رستن جي کاٻي طرف هلڻ لازمي هوندي، جڏهن ته موٽر سائيڪل سوارن جو وچين يا ساڄي طرف هلڻ تي ڏنڊ لڳايو ويندو، اهو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي ته گاڏين لاءِ جي پي ايس ٽريڪر، ڊيش ڪيم، ريئر ويو ڪيم ۽ ڪيبن ڪيم لڳائڻ لازمي هوندو ته جيئن حادثن جي صورت ۾ شواهد محفوظ ڪري سگهجن ۽ ڊرائيور جي روين جو جائزو وٺڻ ممڪن ٿي سگهي.