عمر ايوب پاران سيڪيورٽي خدشن سبب سياسي سرگرميون محدود

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سيڪيورٽي خدشن سبب پنهنجي سياسي سرگرمين کي محدود ڪري ڇڏيو آهي، عمر ايوب اعلان ڪيو آهي ته عيد ملن جي حوالي سان جيڪي پروگرام رٿيل هئا، انهن کي ملتوي ڪيو ويو آهي، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي هدايتن تي سيڪيورٽي خدشن کي مدنظر رکندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي، اپوزيشن ليڊر عيد تي عوامي ميڙاڪا ڪوٺائڻ جو منصوبو ڪيو هو، پر سيڪيورٽي صورتحال سبب انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

  1. ايف بي آر هدف ماڻڻ ۾ ناڪام، آءِ ايم ايف ٽارگيٽ گهٽائي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي سالياني ٽيڪس وصولي هدف  ۾ 64 ارب رپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، ذرائع مطابق، آءِ ايم ايف پاڪستان جي سالياني ٽيڪس وصولي هدف 1297 ارب مان گهٽائي 1233 ارب رپيا ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب ايف بي آر آءِ ايم ايف کان ٽيڪس وصوليون 1233 ارب رپيا ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي، ٽيڪس وصولي ۾ گهٽتائي آءِ ايم ايف سان معاهدي تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي، ايف بي آر جو 9 مهينن ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف پورا نه ٿي سگھيو، ذريعن موجب مارچ ۾ ٽيڪس وصولي 107 ارب رپيا گھٽ ٿي، مارچ ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف 1220 ارب رپيا هو پر 1113 ارب رپيا ٽيڪس جمع ٿي سگهيو، ذرائع جو چوڻ آهي ته مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ايف بي آر ٽيڪس وصولي جو مجموعي خسارو 708 ارب رپيا ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.