پيپلز پارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ الاٽ ڪيل زمين جو فيصلو واپس وٺي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجي ۽ پرهه سومرو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ڇهن نون ڪئنال ٺاهڻ واري هوڏ تي قائم آهي. صدر زرداري ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي سنڌو درياهه جو پاڻي وڪڻڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس تي صحيح ڪئي آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي 52713 ايڪڙ زمين گرين پاڪستان انيشئٽو ڪمپنيءَ کي ڏيڻ واري نگران سرڪار جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪرڻ بدران پيپلز پارٽي سنڌ جي وڌيڪ 54 هزار ايڪڙ زمين ساڳي ڪمپنيءَ کي الاٽ ڪري سنڌين سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. چنيسر پنهنجي ڀاءُ دودي سان دوکو ڪيو ته اڄ تائين سنڌي مٿس ملامتون ڪندا رهن ٿا. پيپلز پارٽي سرڪار ته سنڌو درياهه ۽ ڌرتيءَ جو سودو ڪيو آهي، پيپلز پارٽي چنيسر کان وڌيڪ سنڌ دشمني ڪئي آهي. پيپلز پارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي الاٽ ڪيل زمين جو فيصلو واپس وٺي ۽ ڇهه نوان ڪئنال ٺاهڻ جي هوڏ تان لهي وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ سندن حشر ضياءَ، ايوب ۽ مشرف جهڙو ڪندي. صدر زرداري پنهنجي پٽ بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سنڌ جون زمينون ۽ سنڌو درياهه وڪرو ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ درياهه جي هر حالت ۾ حفاظت ڪندا ۽ ڌرتي ۽ درياهه جو سودو ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ کان سخت پڇاڻو ڪندا. ٻي پاسي عيد ويجهو ايندي ئي گاڏين جي ڪراين ڀاڙن، راشن ۽ سبزي سميت سمورين شين ۾ اضافو ڪري پيپلز پارٽي سرڪار منافعي خور ٽرانسپورٽرن ۽ واپارين جي سرپرستي ڪري رهي آهي. سرڪاري اگهن کان ٻيڻ تي ٽرانسپورٽر مسافرن کان ڪرايا وصول ڪري رهيا آهن، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانسسٽ ڊپارٽمينٽ،  موٽر وي ۽ نيشنل هائي وي اٿارٽيز جي آفيسرن سميت لاڳاپيل سمورن کاتن جي ڪامورن پنهنجو ڀتو وٺي ٽرانسپورٽرن کي ڦرلٽ ڪرڻ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار سمورن کاتن کي ڀتا خوري جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. موٽر وي ۽ نيشنل هائي وي جهڙا وفاقي ادارا به سنڌ ۾ ڀتاخوري وٺڻ ۾ مصروف آهن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي سرپرستي ۾ بليڪ مارڪيٽنگ عام جام آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته بليڪ مارڪيٽنگ ۾ ملوث منافعي خور واپارين سميت سمورن لاڳاپيل اختيارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بليڪ مارڪيٽنگ جو خاتمو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.