ڪئنالن تي سنڌ ۾ عوامي احتجاج ماٺو نه ٿيو،مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) ڪئنالن جي مسئلي تي سنڌ ۾ عوامي احتجاج ماٺو نه ٿيو،ننڍن وڏن شهرن ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا،عادلپور ۾ واپاري ايسوسيئيشن جي سڏ تي شهري روڊن تي نڪري آيا،سوين ماڻهن روڊن تي مارچ ڪري احتجاج ڪيو ،ڪئنال نامنظور نعرن جي گونج ٿي وئي، سوڀيديري ۾ نوجوان اتحاد جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي ريلي ۾ جسقم،شهري اتحاد ۽ ٻين تنظيمن شرڪت ڪئي، ٺري ميرواهه ۾ درياهه بچايو ايڪشن ڪميٽي تي سوين ماڻهن احتجاجي جلوس ڪڍيو جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن عيد جي رات به سجاول ۾ سنڌو مٿان ڪئنال ٺاهڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو ـ احتجاج ڪئنالن جي خلاف جسقم شھيد بشير خان قريشي جي ڪارڪنن مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي ريلي جي قيادت محمد خان پٺاڻ ، منظور احمد ميمڻ ، ڪئي سنڌي ادبي سنگت جو اڳواڻ شاعر اياز امر شيخ ، جسقم اڳواڻ ايوب کوسو ،  ممتاز ساند ، شاھجان لغاري الطاف جانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ پاران گهگهر ڦاٽڪ ۾ فياض اتيرو ، جنسار هيسباڻي ، سينگار بليدي ، سجاد لاشاري مرتضي سرگاڻي ممتاز ڪانڌڙو ، شوڪت آريجو ، راشد جتوئي جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي مشعل بردار ريلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سميت سوين ماڻهن جي شرڪت ڪئي ۽ ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن فياض اتيرو، جنسار ھيسباڻي، سينگار بليدي خطاب ڪندي چيو ته ڪئنال سنڌ جي زندگي موت جو مسئلو آهي سنڌ جي بقا سلامتي وجود جو مسئلو آهي سنڌو درياھ ۽ سنڌ جي وسلين زمينن تي ڌاڙو قبول ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.