ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل ڪمال جي سربراهي ۾ٻه رڪني بئنچ ارسا ۾ وفاق جو ميمبر پنجاب مان مقرر ڪرڻ ۽ ارسا پاران چولستان ۽ ٿل ڪئنال 2 لاءِ پاڻي جي موجودگي بابت جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ سميت چولستان ۽ ٿل ڪئنال 2 جي رٿائن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت داخل درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 7 اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم سنڌ جي ھڪ زميندار قربان ميتلو جي وڪيل بئريسٽر ضمير گهمرو پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنوآهي. درخواست ۾ ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر ضمير گھمرو عدالت ۾ موقف پيش ڪندي چيو ته جيئن ارسا جو ڍانچو غيرقانوني آهي، ڇو ته ان جو وفاقي ميمبر سنڌ مان مقرر نه ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري اها پاڻيءَ جي دستيابيءَ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي، بئريسٽر ضمير گھمرو وڌيڪ دليل ڏيندي چيو ته ارسا جو وفاقي ميمبر اسجد امتياز علي، جيڪو سنڌ مان نه آهي، اهو غيرقانوني طور تي پنهنجي عهدي تي قابض آهي، ان کي فوري طور هٽايو وڃي.