ڪئنالن خلاف پ پ به احتجاج ڪيو، اوھان گھڻن ماڻھن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي ؟سنڌ هاءِ ڪورٽ

حيدرآباد(رپورٽر) تڪراري ڪينالن خلاف سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سامهون شاگردن جي ڪيل احتجاج دوران پوليس ۽ شاگردن ۾ ٿيل ڇڪتاڻ بعد پوليس طرفان سنڌ يونيورسٽي جي 100 شاگردن مٿان دهشتگردي جي داخل ڪيس جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ جسٽس امجد سھتو ۽ جسٽس ميرا محمد شاھ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ڪيس ۾ نامزد ڪيل شاگردن پنھنجي وڪيل عرفان احمد خاصخيلي معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي، ٻڌڻي تي عدالت ۾ ايس ايس پي ڄامشورو، جاچ آفيسر ۽ ٻيا پوليس عملدار پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سنڌو درياھ مان غيرقانوني ڪينال ڪڍڻ خلاف احتجاج ڪيو ھو، پرامن احتجاج تي پوليس ڪڙڪي پئي، شاگردن تي لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪئي وئي، پرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. ايس ايس پي ڄامشورو موقف اختيار ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن احتجاج دوران پوليس موبائيل کي ساڙيو، سرڪار کي نقصان ڏنو ته مٿن دھشتگردي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. جنهن تي عدالت مٿس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پھريان شروعات پوليس ڪئي، شاگردن تي اوھان لاٺي چارج ڪرائي، بعد ۾ رد عمل مليو، ان جا ذميوار شاگرد ناھن، ڏکين حالتن ۾ شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا، اوھان انھن تي دھشتگردي جون ايف آءِ آرز ٿا داخل ڪرايو، اوھان ٻڌايو ڪئنالن خلاف پيپلز پارٽي احتجاج ڪيو، اوھان گھڻن ماڻھن تي ايف آءِ آرز داخل ڪيون اھي به روڊن تي ھئا. پوليس جن شاگردن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي ڇا اھي، واقعي دھشتگرد آھن، اوھان سنڌ يونيورسٽي جي معصوم شاگردن تي ايف آءِ آر داخل ڪري ھنن جي مستقبل جي رستا روڪ ۽ کين باغي بڻايو پيا، ڪئنال خلاف احتجاج ڪرڻ تي ايف آءِ آر اھا ڪھڙي دھشتگردي آهي. ايس ايس پي ڄامشورو عدالت ۾ خاطر خواھ جواب نه ڏئي سگھيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايس پي کي معاملي جي مڪمل رپورٽ ٿيڻ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.