قاضي احمد/ سڪرنڊ/ ميهڙ / نصير آباد (نمائندا) سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف درياهه بچايو تحريڪ پاران ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي قيادت ۾ سڪرنڊ جي ڳوٺ فتح پور کان ھزارين ماڻهن قاضي احمد تائين موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين جي ريلي ڪڍي، قاضي احمد پھچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ريلي فتح پور، نصير جو ڳوٺ، مڏ، مصري کوسو، ڇتن شاھ، جلال خان ٽانوري، فتوحل زرداري، سڪرنڊ شگر مل کان ٿيندي ناز باغ چوڪ وٽ پهتي، جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، ان موقعي ريلي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو ته لکين ماڻهو هڪ آواز ٿي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گڏ ٿياسين ته درياهه بچائي وينداسين، ڪئنالن خلاف پ پ جو احتجاج ڍونگ آھي، پندرنهن سالن کان سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پ پ جي ڪري ٿي آهي، سنڌ جون زمينون کپائڻ کانپوءِ هاڻي درياهه به کپايو ويو آهي، جنهن خلاف اسين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين، ريلي ۾ نثار پرھياڙ، مجيب ماڇي، زين ڀٽو، فلڪ شير اوڏ، شمن انڙ، ڪامريڊ لطيف انڙ، قاسم سومرو، وڏيرو رمضان ڪيريو، سيد جمن شاھ، غازي نجيب چانڊيو ۽ ٻيا شامل هئا، ان کان اڳ زين شاهه سڪرنڊ ۾ چيو ته پ پ 60 سالن کان ماڻهن کي بيوقوف بڻائي هميشه ڪوڙيون ڳالهيون ڪندي رهي آهي، هاڻ سنڌ جون عوام کين سڃاڻي چڪو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ ڪمزور ٺهراءِ پاس ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت کي چيو ويو آهي ته سنڌو مٿان ٺهندڙ ڪئنالن جو نوٽيس ورتو وڃي، نوٽيس ڇا جو! وفاقي حڪومت کي پابند ڪيو وڃي ته ڪئنال منصوبو رد ڪيو وڃي، هن چيو ته وڏو وزير ڪهڙو به جواب ڏي ڪئنالن جو ڪم ڏيڍ سال کان جاري آهي، ان کان اڳ ميهڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زين شاه چيو ته سنڌ جي ماڻھن پيپلزپارٽي جي اعلان کي ٿڏي ۽ رد ڪري ڇڏيو آھي، سنڌي ميڊيا ڪئنالن جو ڪم ڏسي آئي آهي، ان باوجود به پيپلا نه ٿا مڃن، هوڏانهن نصيرآباد ۾ باءِ پاس مين بس اسٽاپ تي ڪارڪنن ۽ شھرين کي خطاب ڪندي زين شاهه چيو ته عيد کان پوءِ اپريل مھيني ۾ تڪراري ڪئنال منصوبن خلاف جدوجھد تيز ڪنداسين لکين ماڻهو روڊن تي هوندا، دنيا ڏسندي ته سنڌي ماڻهن ڪيئن نه پرامن طريقي سان رٿا کي ختم ڪرايو.