مورو/ ڪوٽڙي / سيوهڻ (نمائندا) تڪراري ڪئنالن ۽ سنڌ جي زمينن جي والار خلاف ڪوٽڙي ۾ قومپرست ڪارڪنن پاران حنيف ٻگهيو، قادر آزاد سنڌي، حميد جوڻيجو ۽ حڪيم کونھارو جي اڳواڻي ۾ ڪوٽڙي ڦاٽڪ کان ايم نائين موٽر وي ڄامشورو تائين مارچ ڪري گلشن شھباز ڪالوني لڳ قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪيو ويو. جنھن سبب ھزارين گاڏيون بيھجي ويون، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائندي چيو ته سنڌو تي ڌاڙي ۾ پنجاب ۽ وفاق سان گڏ پ پ سان ڀاڱي ڀائيوار آھي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي جيڪو رد ڪريون ٿا، سنڌ جي تباھي وارا منصوبا فوري طور تي رد ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رھندو، سيوهڻ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران محمد نواز رند، اصغر شاھاڻي، مريد خان بروھي ۽ يوسف کوسو جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، قومپرست ڪارڪنن ۽ سيوھڻ واسين ايس يو پي آفيس کان ڌمال چوڪ تي تائين ريلي ڪڍي ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ دشمن ڪئنال منصوبن جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رکي ويندي، مورو ۾ به جسقم بشير خان پاران سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف هڪ مشعل برادر احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شھر جي سياسي سماجي تنظيمن، شاگردن، وڪيلن، استادن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي امتياز کوسو، سليم ڀٽي ۽ راشد لطيف جي اڳواڻي ۾ درس روڊ گرلس هاءِ اسڪول کان نڪتي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، سنڌ جي زمينن تي قبضا نامنظور، دريا کي جيئڻ ڏيو، سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي بند ڪيو ريلي ۾ فنڪار عبدالغني سولنگي انقلابي گيت ڳائي سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي.