ڪئنالن جو معاملو عدالت ۾ کڻي وڃڻ پ پ پ جي چال؟

ڪراچي(دودو چانڊيو)ضمير گهمرو پ پ پ جو سينيٽر آهي، جيڪو ڪئنالن جو معاملو عدالت ۾ کڻي ويو آهي، ڪئنالن وارو مسئلو عدالت ۾ کڻي وڃڻ خطرناڪ نتيجا ڏيندڙ عمل  آهي، ججن جا فيصلا ڪٿي ٿا لکجن، اهو ڪنهن کان لڪل ناهي، سڀاڻي ڪو جج ڪنهن نامعلوم ڪال تي ڪئنالن جي حمايت م فيصلو ڏئي ڇڏي ته پو ڇا ڪنداسين، پوءِ پ پ پ وارا به چوندا، ادا اسان ته ڪئنالن جا مخالف هئاسين، هاڻي عدالت فيصلو ڏنو آهي ڇا ڪريون، پنهنجي ئي سينيٽر کي ميدان تي آندو اٿن، اسان ان عدالتي ڪيس کي سنڌي عوام جو ڪيس نه ٿا سمجهون، اسان سمجهون ٿا ته ڪئنال انتظامي نوٽيفڪيشن ذريعي رد ٿيڻ کپن، مون کي ياد آهي ماما يوسف لغاري وارن هڪ ڀيرو ڪالاباغ ڊيم خلاف عدالت ۾ وڃڻ جي تجويز رکي هئي، پليجي صاحب سخت مخالفت ڪندي چيو، سڀاڻي جج ڪو فيصلو ڏين، اسان کان سياسي احتجاج جو به حق کسجي وڃي، ڪالاباغ رستن تي احتجاج ڪري روڪرائي سين،  ان ڪري اسان ڪئنالن خلاف عدالت م وڃڻ واري پ پ پ سينيٽر ضمير گهمري جي عمل کي هڪڙي پ پ پ جي چال ٿا سمجهون، سڀاڻي چوندا معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي، ڪورٽ ميٽر آهي احتجاج نه ڪيو وغيره، ان ڪري اهيو عمل ضمير گهمري جو ذاتي عمل آهي سنڌي قوم ان عمل  سان گڏ ناهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 27 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.