ڪوئيٽا/نيويارڪ(عوامي آواز نيوز) نيشنل پارٽي جي سربراهه ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته اسان وٽ بي اين پي جو وفد آيو هو جنهن اي پي سي جي دعوت ڏني،اسان اها قبول ڪئي مون کين چيو ته بلوچستان جي ٻرندڙ اشوز تي توهان ۽ اسان ويهي ڳالهيون ڪريون،مون تجويز ڏني ته بي اين پي سان اتحاد ڏانهن وڃڻ گهرجي،قدرت نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته جعفر ايڪسپريس واقعي بعد سرڪار جو موڊ ٺيڪ ناهي،اهي وڌيڪ جارح ٿي رهيا آهن مون اسيمبلي ۾ به چيو ته توهان جيتري اڳرائي ڪندا حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون،ٻن ٽن ڏينهن کان بلوچستان ۾ هڙتال ۽ مظاهرا ٿيا آهن،اهو مسئلي جو حل ناهي، اسان جي عورتن کي گرفتار ڪرڻ ريڊ لائن آهي، هن چيو ته مون مسلم ليگ ن،سنڌ حڪومت کي اپيل آهي ته نياڻين کي آزاد ڪريو،سرفراز بگٽي سان مون ڳالهايو آهي ته فيصلي تي نظرثاني ڪريو،هن چيو ته رياست کي مارڻ نه گهرجي،اهي اشوز اسان جي حڪومت ۾ به ٿيندا هئا،شيون بهتر ٿي سگهن ٿيون، سمورين پارٽين جي راءِ آهي ته بلوچستان مسئلو حل ٿيڻ گهرجي پر انهن جي اختيار ۾ ڪجهه ناهي،سياسي پارٽيون اسٽينڊ وٺڻ بدران مفاهمت ڪري ويٺيون آهن،مون اڄ به راڻا ثناءُ الله کي چيو ته پي ڊي ايم جي 26 مان رڳو 20 نڪتن تي عمل ٿي وڃي ها ته پاڪستان جي حالت مختلف هجي ها،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي بلوچستان جي وڏ وزارت جي ڪا به آڇ ناهي ٿي،مان سنجيده سياسي ڪارڪن آهيان،پاڻ کي ائين ڌٻڻ ۾ ڪيئن ڦاسائيندس؟هن باهه ۾ ٽپو ڏيڻ آسان ناهي،بلوچستان جي مسئلي جو حل اهو آهي ته سيڪيورٽي ادارن جو مائنڊ سيٽ تبديل ڪريو،بلوچ ۽ پختون کي هن ملڪ جو حصو سمجهيو،بلوچستان کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي،عوام جي حق حاڪميت کي تسليم ڪريو،بلوچستان جا وسيلا صوبي جي عوام جي ملڪيت تسليم ڪيا وڃن،ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن،ڪرپشن جي بازار بند ڪئي وڃي،ميرٽ کي عام ڪيو وڃي، ٻئي پاسي رضا رومي سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچستان کي هڪ سيڪيورٽي صوبي بدران سياسي صوبي جي نظرن سان ڏٺو وڃي،اسان جون سياسي پارٽيون بلوچستان جي حوالي سان ڪمپرومائزڊ آهن،اسٽيبلشمينٽ جيڪو به چوي پ پ هجي ن ليگ هجي يا عمران خان هجي سڀ ان کي فالو ڪن ٿا،نوازشريف 2013ع ۾ ڪجهه اسٽينڊ ورتو هو ان سان حالتون ڪافي بهتر ٿيون هيون،هن چيو ته بلوچستان ۾ بي گناهه ماڻهن جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته هاڻي حالتون ايتري حد تائين پهتيون آهن جو عورتن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي،هر بلوچ جيڪو حڪومت حامي هجي يا مخالف اهو ان ڳالهه کي قبول نٿو ڪري،هن چيو ته بلوچستان جون حالتون گولي سان حل نه ٿينديون،ڳالهين جو ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي، هن وقت اسٽيبلشمينٽ ۽ بلوچ ويڙهاڪ ٻئي ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين،اسان جمهوريت ۽ وفاق جي ڳالهه ڪريون ٿا انهن قدمن سان عوام اسان کان پري ٿيندو ويندو،هن چيو ته مان نواب اڪبر بگٽي جو ويجهو رهيو آهيان،جنيوا وڃي براهمداغ بگٽي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس اپيل ڪئي ته اها جنگ بند ڪئي هن جواب ڏنو ته مان ڳالهين لاءِ تيار آهيان پرشرط اهو آهي ته هتي جيڪي نمائندا اچن ان ۾ فوج جا عهديدار ۽ شهبازشريف به شامل هجي مون اچي نوازشريف کي ٻڌايو ،مان خان آف قلات سان به رابطو ڪيو،اسان جنرل راحيل شريف کي به بريفنگ ڏني،مون کيس چيو ته مان پل جو ڪردار ادا پيو ڪريان،گهڻا ماڻهو ان جي حق ۾ هئا، ڪجهه ماڻهو ان جي حق ۾ نه هئا اهي ڳالهيون آگسٽ 2015ع ۾ ٿيون هيون،هن چيو ته ان بعد ڊسمبر ۾ منهنجي موڪل ٿي وئي،مون وفاقي حڪومت کي چيو ته توهان منهنجي پوزيشن خراب ڪري ڇڏي آهي،اسٽيبلشمينٽ جو هڪ سيڪشن تمام گهڻو طاقتور هو ان ڳالهين جي عمل کي ويٽو ڪري ڇڏيو،هن چيو ته بلوچستان ۾ عوام جي ووٽن جو احترام نه ڪيو ويو، اڌ بلوچستان باپ ۽ اڌ پ پ حوالي ڪيو ويو آهي،توهان بلوچستان جي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪريو،
ڪوئيٽا ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي کي ريلي ڪڍڻ نه ڏني وئي، شيلنگ، عورتون به گرفتار
ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن جي گرفتارين ۽ تشدد خلاف احتجاج جاري آهي، جڏهن ته ڪالهه به يڪجهتي ڪميٽي کي ريلي ڪڍڻ نه ڏني وئي. ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻيا ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ چوٿين ڏينهن به بلوچ يڪجتي ڪميٽي جي ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف مظاهرا جاري رهيا.انهن مظاهرن جو انتظام بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي ڪيو هو. ڪوئيٽا ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي کي مظاهري جي اجازت نه ڏني وئي ۽ مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ کان سواءِ به گرفتاريون ڪيون ويون. ڪوئيٽا شهر ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي پاران ڪوئيٽا پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ عوامي نيشنل پارٽي، نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاهري کي بي اين پي اڳواڻ ساجد ترين ايڊووڪيٽ، اي اين پي جي صوبائي صدر اصغر خان اچڪزئي، اين ڊي ايم اڳواڻ احمد جان ڪاڪڙ سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ تشدد جي مذمت ڪئي. ٻئي طرف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ڪوئيٽا شهر سميت 8 شهرن ۾ احتجاجي ريليون ۽ مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. ڪوئيٽا ۾ سمنگلي روڊ تي بورڊ آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍڻي هئي پر بورڊ آفيس تي نفري موجود پوليس ريلي ۾ شرڪت لاءِ آيل ماڻهن کي منتشر ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا فائر ڪيا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر صبيحه بلوچ بي بي سي کي ٻڌايو ته 9 عورتن جيڪي بورڊ جي آفيس آڏو احتجاج ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون هيون، انهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ کين سول لائنز ٿاڻي منتقل ڪيو ويو. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ جي ڀيڻ ناديه بلوچ چيو آهي ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ سان ملاقات جي اجازت ڏني وئي، پر مبينا طور تي کيس حراسان ڪيو پيو وڃي. بي بي سي سان ڳالهائيندي ناديه بلوچ چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هن ڪالهه ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ سان ملاقات ڪئي پر اها ملاقات ٽن ڪلاڪن جي انتظار کان پوءِ ٿي. هن چيو ته ڊاڪٽر ماهرنگ به شڪايت ڪئي آهي ته کيس ۽ بيبو بلوچ سان گڏ حراسان ڪيو پيو وڃي. ناديه بلوچ جو چوڻ هو ته ”اسان کي چيو ويو ته کين اهو ئي کاڌو ملندو جيڪو عام قيدين کي ملي ٿو، پر اسان چئون ٿا ته ڊاڪٽر مهراڻ سياسي قيدي آهي ۽ سندس خلاف اڃا تائين ڪجهه به ثابت نه ٿيو آهي. هن چيو ته اسان کي اهو به خدشو آهي ته کين کاڌي ۾ غلط ڪجهه نه ڏنو وڃي، جنهن ڪري اسان چاهيون ٿا ته هو گهر مان ماني وٺي، جنهن جي هاءِ ڪورٽ به اجازت ڏني آهي. هن چيو ته بيبو بلوچ کي ڊاڪٽر ماهه رنگ کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هراسان ڪرڻ خلاف ڊاڪٽر ماهه رنگ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو چتاءُ ڏنو آهي. هوڏانهن بي اين پي سربراهه اختر مينگل ٽوئيٽ ڪيو آهي ته اڄ پرامن احتجاج دوران ڪوئيٽا ۾ ڪرفيو جو سمان، پريس ڪلب طرف ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، عورتن ۽ سياسي ورڪرن جون گرفتاريون جاري آهن، جمهوريت بهترين انتقام آهي.
نوازشريف کي بلوچستان مسئلي تي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي:خواجا آصف
اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته بلوچستان جون شڪايتون 50 سالن کان به پراڻيون آهن،منهنجي ذاتي راءِ آهي ته نوازشريف کي بلوچستان اشو تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي،اڄ به بلوچستان ۾ هن جي عزت ۽ احترام آهي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو،سرفراز بگٽي کي ڳالهين جي عمل جي قيادت ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته نوازشريف بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽ،روڊ ٺاهرايا،هو بلوچستان معاملي تي ڳالهيون ڪندو، مون هن سان ان معاملي تي ڳالهايو آهي، کيس دل جي بيماري آهي،ڊاڪٽرن کيس آرام جو مشورو ڏنو آهي،عيد کانپوءِ هو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو،هن چيو ته بي ايل اي دهشت گرد تنظيم آهي،گرفتاري قانون مطابق ٿيڻ گهرجي،بلاول ڀٽو تعميري ڳالهه ڪئي آهي، هن جي سوچ هاڪاري آهي،هن چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان جي حڪومتن کي حالتون سڌارڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن،ملڪ اندر ماريل دهشت گردن ۾ اڪثريت افغانين جي آهي،اينڪر حامد مير سوال ڪيو ته پيڪا جي قانون جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي،صحافي فرحان ملڪ کانپوءِ وحيد مراد کي گرفتار ڪيو ويو جنهن تي خواجا آصف چيو ته ٻن سالن کان اسان جي ملڪ ۾ تلخ ماحول اچي ويو آهي جنهن ۾ سوشل ميڊيا جو تمام وڏو ڪردار آهي، منهنجو مخالف منهنجي ڀينرن ڌيئرن کي نشانو بڻائي رهيو آهي،سوشل ميڊيا تي اصلن نقل صحافين هنگامو مچائي ڏنو آهي، ٻاهرين ملڪ ويٺل صحافي الائي ڪهڙيون ڪهڙيون خبرون هلائي رهيا آهن،پي ٽي آءِ انهن جي حمايت ڪري رهي آهي، جيڪي گرفتاريون ٿين پيون اهو صحافت تي حملو ناهي،
رياست بلوچ عوام جو آواز ٻڌي:عمران خان
راولپنڊي(م ڊ)پي ٽي آءِ باني عمران خان جو چوڻ آهي ته چاهي ڪيترو به زور لڳايو وڃي،مان اڳ به فاشزم آڏو نه جهڪيو آهيان ۽ نه هاڻي جهڪندس، ادارن جو پنهنجي ڪم ۽ دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون، ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ، جيلن ۽ عدالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ آهي، افغانستان سان اسان جي 2200 ڪلوميٽر سرحد آهي. انهن سان مسئلا ڳالهين ذريعي پرامن طريقي سان حل ڪيا وڃن. اسان جي حڪومت ۾ افغانستان جي ڳالهه ڪئي وئي، جيتوڻيڪ ان وقت جي افغان حڪومت جا پاڪستان سان سٺا لاڳاپا نه هئا،هن چيو ته اسان جي ساڍا ٽي سالن جي دور حڪومت ۾ افغانستان سان جيڪا پاليسي اختيار ڪئي وئي ان جي ڪري ملڪ ۾ دهشتگردي مڪمل طور تي زير ٿي وئي هئي، اسان کان پوءِ جو بائيڊن جي پاليسي اختيار ڪرڻ سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا، جن جا نتيجا اڄ دهشتگرديءَ جي صورت ۾ عوام ڀوڳي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان وڌيڪ چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ عدالتي نظام مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي، القادر ٽرسٽ ڪيس جو فيصلو ان ڪري دير جو شڪار ڪيو ويو ته جيئن پنهنجي پسند جي ججن آڏو منهنجو ڪيس هلايو وڃي،حڪومت جو مقصد هر صورت ۾ مون کي جيل ۾ رکڻ آهي، هي سڀ فڪسڊ ميچ آهي، پي ٽي آءِ ايڪس موجب اڊيالا جيل مان پنهنجي پيغام ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيو ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ عدالتي نظام مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي توشا خانا ڪيس جنهن ۾ جيل ٽرائل هلي رهيو آهي، ان کي بنا سبب روڪيو ويو آهي، عمران خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جا سمورا مسئلا حقيقي عوامي نمائندن جي ذريعي ئي حل ٿي سگهن ٿا، مسئلا ڪڏهن به ڏنڊي جي زور تي حل نه ٿيندا آهن پر وڌيڪ خراب ٿيندا آهن، رياست جو فرض آهي ته بلوچستان جي عوام جو آواز ٻڌي ۽ انهن جا مسئلا حل ڪري، اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ”پاڪستان جا سمورا مسئلا حقيقي عوام جي نمائندن ذريعي ئي حل ٿي سگهن ٿا، 1971ع وانگر ملڪ ٽوڙڻ بدران ملڪ کي جوڙيو، بلوچستان تي به هن وقت جعلي حڪومت مڙهيو ويو آهي ته اهي مسئلا ڪيئن حل ڪري سگهن ٿا، هڪ پاڪستاني ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي حيثيت سان بلوچستان جي صورتحال تي مون کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي.
پختونن ۽ بلوچن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ امن قائم نه ٿيندو: حافظ نعيم الرحمان
اسلام آباد (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پختونن ۽ بلوچن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امن قائم نه ٿيندو. خطي ۾ امن جي ڪنجي پاڪستان ۽ افغان لاڳاپن جي بحالي آهي، ٻنهي ملڪن کي دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو معاملو آهي، ترقياتي ڪم نه ٿي رهيا آهن، نوجوانن کي روزگار ملڻ گهرجي، صوبي جي عوام جون محروميون دور ڪيون وڃن، هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏينهون ڏينهن ڊمپر ۽ لوڊر حادثن ۾ عوام جون زندگيون ضايع ٿي رهيون آهن، ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ھڪ ”نظام“ مڙھيل آهي، جيڪو اربين روپين جي ڪرپشن ڪري رهيو آهي، هر شعبو تباهه حال آهي.
سمي دين جي گرفتاري خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ڪراچي(رپورٽر) سماجي ڪارڪن سمي دين محمد جي ايم پي او تحت گرفتاري خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، سمي دين جي ننڍي ڀيڻ مهلب طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سمي دين محمد انساني حقن جي ڪارڪن آهي کيس ڪيترائي عالمي ايواڊ ملي چڪا آهن، هو آءِ بي اي جي شعبه صحافت ۾ تعليم پرائي آهي، ان کان سواءِ هو وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي جنرل سيڪريٽري پڻ آهي، سندس والد جبري گمشدگي جو شڪار آهي، ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مظاهري جي پرامن نوعيت باوجود، سنڌ پوليس غير قانوني طور تي مداخلت ڪري گرفتار ڪيو آهي، درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي ته ايم پي او جي حڪم نامي کي رد ڪري سمي دين محمد جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ خميس تي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.
زين شاهه پاران ماهه رنگ، سمي دين بلوچ جي گرفتاري جي مذمت
ڪراچي (پريس ريليز)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ، ماھ رنگ بلوچ ۽ سمي دين بلوچ سميت بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سندن آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ سيد زين شاھ جو چوڻ هو ته پرامن احتجاج هر سياسي پارٽي ۽ ڪارڪنن جو بنيادي حق آهي ۽ رياست اهو حق ڪنهن به قانون تحت کسي نٿي سگهي. ماھ رنگ بلوچ ۽ سمي دين بلوچ سميت جيڪي به سياسي ڪارڪن پرامن احتجاج ذريعي گرفتار ڪيا ويا آهن اهو رياستي جبر جو شرمناڪ چهرو آهي ان عمل سان بلوچستان اندر حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون،هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام بلوچستان جي حقن جي تحريڪ لاءِ هلايل پرامن جدوجهد جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.