ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان جنگشاهي ۾ ريلي ۽ ڌرڻو

جنگشاهي/ٺٽو (نمائندا) ڇهه نون ڪئنالن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڳوٺ منگر خان پليجو ۾  رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاهه کان جنگشاهي شهر تائين هزارين عورتن ۽ مردن جي ريلي ڪئي وئي، سنڌوءَ خاطر جهيڙو آ، زمينن تي قبضا بند ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو، ايس آءِ ايف سي ختم ڪريو، جمهوريت بحال ڪريو جا زورار نعرا هنيا ويا. ارسا ۾ پاڻيءَ جي ورهاست واري ٽي رخي فارمولي کي آئين ۽ قانون جو قتل قرار ڏنو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطه سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، رزاق چانڊيو، شاهه محمد چانگ، مٺا خان لاشاري، گهنور خان زئور، بلاول لاشاري، دريا خان زئور، سلمي لاشاري، سائرہ رزاق، زويا پليجو، ثمينا لاشاري ۽ ٻين چيو ته ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي اجلاس ۾ چولستان ڪئنال جي اين او سي واپس وٺڻ جو فيصلو نه ڪري ارسا ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش تي قائم آهي، ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي چولستان ڪئنال جي اين او سي واپس وٺڻ مطالبو به نه ڪيو، پيپلز پارٽي ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي کي سنڌ جو ڪيس وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي ڳجهه ڳوهه ۾ سنڌو درياهه وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، صدر زرداري ڊراما ڪرڻ بند ڪري. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري يا صدارتي سيٽ تان استيفعا ڏئي، پيپلز پارٽي جيڪڏهن ڇهه نوان ڪئنال رد ڪرائي سنڌو درياهه بچائڻ جي اهليت نٿي رکي ته سنڌ حڪومت تان استيفعا ڏئي، حڪومت ڇڏي ڏئي. هنن چيو ته اسين سنڌي قوم کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن 25 مارچ واري پيپلز پارٽي جي ڊامي کي فلاپ ڪري ڇڏيو، بلاول زرداري عوامي غصي ۽ ڪاوڙ کي منهن ڏيڻ بدران منهن لڪائي ڀڄي ويو ۽ ڪنهن به احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.