ڪوٽڙي(رپورث: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي ۾ ٻن ڀينرن سان مبينا طور زيادتي ڪري فحش ويڊيو ڀرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثر نينگرين جي مامي جي فرياد تي ڪوٽڙي ٿاڻي تي جوابدار سلطان پٺاڻ مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل معاملي ۾ رشوت وٺڻ جي ڏوھ ۾ ايس ايڇ او سائيٽ ۽ پوسٽ انچارج نوڪرين مان بي دخل ڪيا ويا آهن. خورشيد ڪالوني ۾ ٻن معصوم نياڻين سان ذيادتي ڪري فحش وڊيو ڀري وئي جنهن معاملي کي پوليس طرفان لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش کي نينگرين جي مامي طرفان ڊي آء جي حيدرآباد کي شڪايت ڪئي تہ جوابدار سلطان پٺاڻ منهنجن ڀاڻيجن سان زيادتي ڪري فحش وڊيو ٺاهيون آهن جنهن جي دانهن کڻي حد جي پوليس وٽ ويس پوليس انصاف ڏياريڻ بجاء لکين روپيا وٺي جوابدار کي فرار ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن تي ايس ايس ايس پي ڄامشورو انڪوائري ويهاري جنهن ۾ ايس ايڇ او سائيٽ مظهر نائچ ،۽ پوسٽ انچارج ياسين لغاري تي رشوت وٺڻ جي ثابتي کانپوءِ کين نوڪرين مان بيدخل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف گذريل رات نياڻين جي مامي ذاڪر علي يوسفزئي ڪوٽڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ جوابدار سلطان پٺاڻ ننڍڙين کي گهر ۾ ڪم ڪار بهاني گهرائي ساڻن زبردستي ذيادتي ڪري وڊيو رڪارڊ ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون تہ ڪنهن سان بہ ڳالھ نہ ڪجو ٻي صورت ۾ اوهان کي ۽ اوهانجي گهر ڀاتين کي نقصان پهچائيندس. ايس ايس ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا جو چوڻ آهي تہ جيئن واقعي بابت خبر پئي فوري طور تي قدم کنيان ۽ جوابدار لاء مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيان پر هو هٿ اچي ناهي سگهيو، معاملي تي لاپرواهي ڪندڙ ايس ايڇ او سائيٽ مظهر نائچ ۽ پوسٽ انچارج ياسين لغاري کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي اهڙا پوليس عملدار ڊپارٽمينٽ تي داغ آهن.
سلطان پٺاڻ پاران اهڙيون وڊيو ڀري ڊارڪ ويب تي کپائڻ جو شڪ
ڪوٽڙي: ذريعن کان معلوم ٿيو آهي تہ نينگرين سان زيادتي واري معاملي ۾ ملوث جوابدار سلطان پٺاڻ اڪثر اهڙيون حرڪتون ڪندو رهيو آهي آهي ۽ هو فحش وڊيو ڀري ڊارڪ ويب کي وڪرو ڪندو آهي جتان کيس پيسا ملن ٿا.
سڄاڻ ڌرين پاران جوابدار سلطان پٺاڻ کي گرفتار ڪري شفاف جاچ جو مطالبو
ڪوٽڙي: سياسي سماجي ڌرين توڙي سول سوسائٽي واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي تہ جوابدار سلطان پٺاڻ کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي نياڻين سان ذيادتي ڪرڻ ۽ فحش وڊيو ڀرڻ واري حرڪت پٺيان گهري سازش ٿي لڳي جنهن کي پڻ وائکو ڪيو وڃي.
عطائي صحافي به معاملو دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي ڪمائي ڪئي
ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ زيادتي معاملي ۾ پوليس سميت عطائي صحافي پڻ جوابدار کان ڳري رقم وٺي معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ ۾ سرگرم رهيا. ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پوليس ۽ عطائي صحافي خلاف وڏي پيماني تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي سوشل ميڊيا واهپيدارن مختف اسٽيٽس رکندي گهر ڪئي آهي تہ ملوث پوليس عملدارن توڙي عطائي صحافي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ڇو تہ اهي بہ رشوت عيوض جوابدار جي سهولتڪاري ڪندا رهيا جيڪو عمل سماج لاء ڪنهن بہ ريت چڱو ناهي.