ڪراچي( رپورٽر) مصطفیيٰ عامر قتل ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار ارمغان جي والد ڪامرن قريشي کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل (اي وی سی سی) جي ذريعن موجب، ڪامران قريشي گرفتاري کانپوءِ عملدارن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي چڪو آهي ۽ جاچ دوران مسلسل متضاد بيان ڏئي رهيو آهي. هو حراست دوران اهلڪارن جي سامهون جارحاڻو رويو اختيار ڪندو آهي ۽ عدالت ۾ به سرڪاري وڪيلن ۽ صحافين کي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي. ان جي غير سنجيده روين سبب ان جو پنهنجو وڪيل به ڪيس ڇڏڻ تي مجبور ٿي چڪو آهي. ڪامران قريشي وٽان هٿيار ۽ منشيات هٿ آئي آهي. ڪامران قريشي جي ماڊلنگ، جهيڙن ۽ هٿيار هلائڻ جون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪيون آهن. ارمغان جي والد ڪمراڻ قريشي، گرفتاري کانپوءِ آج نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته "مان ڪامران اصغر قريشي ارمغان جو والد آهيان، مان پنهنجي پٽ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس، مان پنهنجي طريقي سان ڪيس ڏسي رهيو هوس، جڏهن ته ميڊيا پنهنجي طريقي سان، ان دوران جيڪڏهن منهنجي روئي سبب ڪنهن کي دل آزاري ٿي آهي ته مان معافي ٿو گهرايان.”