ڪراچي / حيدرآباد (نمائندا) تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي جهر جهنگ ۾ عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي، وارهه ۾ عوامي تحريڪ وارهه طرفان نون ڪينالن خلاف ڳوٺ شير محمد آريجه کان وارهه شهر تائين شارٽ مارچ ڪيو ويو، جنهن دوران قافلي جي هر وک وک تي گلن سان آجيان ڪئي وئي. انموقعي تي سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، عرفان منان، عبدالنبي بروهي، نجيب چانڊيو، صلاح چانڊيو، نياز حيدري، ساحل سڪندر، روشن ڪنڀر، ستار ٻرڙو، لياقت ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته نوان ڪينال ٺاهي سنڌو درياهه جو رخ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اهڙي دشمن رٿا خلاف سنڌ سجاڳي جي رستي تي اچي ويا آهن، ميرپور بٺوري ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران ڳوٺ بصر لاشاري کان کورواھ روڊ سم نالي اسٽاپ تائين 5 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪامريڊ يوسف لاشاري، اسماعيل، قادر لاشاري، ڪارو لاشاري، بلاول، هارون، اشرف، زاهد، مصري، عارب، وزير، نسيم، سلطان لاشاري ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا، سيري ۾ ڪينالن ۽ زمينن تي قبضي خلاف جسقم ضلع حيدرآباد پاران چينل موري کان سيري اسٽاپ تائين سوين ماڻهن شرڪت ڪڍي، جنهن جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ نواب خان بڙدي، آصف پنھور، انور علي چانڊيو، عباس کوسو ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي، گھوڙا ٻاري ۾ جسقم پاران گھوڙاٻاري کان غلام الله تائين پنج ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ جسقم اڳواڻن، ڪارڪنن، هارين، آبادگارن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، ريلي جي اڳواڻي جسقم اڳواڻن راشد شاهه ڀاڏائي، ڪامريڊ حميد شيخ، رزاق تنيو، امداد خاصخيلي، حنيف ٻٽ ۽ ٻين ڪئي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زرعي زمين تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي قبضا ڪيا پيا وڃن، جيڪي مقامي هارين ۽ آبادگارن جي معاشي قتل برابر آهن، سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا سنڌ جي معيشت تي سڌو حملو آهي، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏنا ويندا.