ڪئنال خلاف ڪوٽڙي واسين جو موٽر وي تي ڌرڻو

ڪوٽڙي (ن ع آ) تڪراري ڪئنالن خلاف رهواسين جو ايم نائن موٽروي تي احتجاج ڌرڻو گلشن شهباز جي رهواسين حڪيم کوهارو،شاهنواز چانڊيو، فيصل برفت، مست علي مگسي، مبارڪ رودناڻي جي اڳواڻي ۾ ايم نائن موٽروي وي تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو،ڏنڊا بردار مظاهرين جي احتجاجي ڌرڻي سبب ڪراچي ڏانهن ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون، مظاهرين جو چوڻ آهي ته پنجاب وفاق جي نالي تي سنڌ جي سمورن معدني وسيلن تي قابض آهيهاڻ هو سنڌو درياھ جي پاڻي تي قبضو ڪري رهيا آهن جنهن  سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي،هنن چيو ته وفاق فوري طور فيصلو واپس وٺي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.