ملير /ڪراچي (ڊر +پ ر)سنڌو درياهه تي نون ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان رزاق آباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاجي ريلي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن، ٻارڙن، ٻڍن، نوجوان، مزدورن، شاگردن شرڪت ڪئي. چولستان ڪينال خلاف ڀرپور نعريبازي ڪئي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر پرهه سومرو، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاه، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، ستار گوپانگ، عزيز لانگاهه، سندر ڪمار، ڄام ساگر، نبي بخش شيخ، ڊاڪٽر رحمت الله بروهي، ڀورا لعل ڀيل، مرتضي زئور ۽ ٻين ڪئي. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهڻ وارين سنڌ دشمن رٿائن کي سنڌ رد ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ صدي کان لڳندڙ ڌاڙي جو حساب ڏي. چولستان رٿا وسيلي سنڌ جي ڪروڙين عوام جو قتلام ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. سنڌ جو پورهيت عوام سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ ساھ آخري گهڙين تائين جدوجھد ڪندو.