ڪتي جي قبر بلوچستان جو علائقو آهي:يونس زهري

ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ مير يونس عزيز زهري چيو آهي ته خضدار ۾ ڪتي جي قبر نالي علائقي کي سنڌ حڪومت پنهنجي علائقي ۾ شامل ڪيو آهي، ان علائقي مان اسان جي يونين ڪائونسل جو ميمبر به آهي، سپريم ڪورٽ به حڪم جاري ڪيا آهن ته علائقو بلوچستان جو حصو آهي،اسان ڪنهن صورت ۾ پنهنجي زمين سنڌ حڪومت حوالي نٿا ڪري سگهون، روينيو وارو وزير ان معاملي ۾ سنڌ سان رابطو ڪري، روينيو واري وزير مير عاصم ڪردگيلو چيو ته اسان ايس ايم بي آر رپورٽ طلب ڪئي آهي،ڄاڻايل علائقي مان تيل نڪري رهيو آهي ان ڪري سنڌ حڪومت پنهنجي علائقي ۾ شامل ڪري رهي آهي،اسان پنهنجي صوبي جي هڪ انچ زمين ٻئي صوبي کي نه ڏينداسين،جماعت اسلامي جي اڳواڻ مولانا هدايت الرحمان چيو ته سي پيڪ جي نالي تي بلوچستان جي عوام سان دوکو ڪيو ويو آهي،سي پيڪ تحت هڪ ڪلوميٽر  موٽروي به ناهي ٺهي،هن چيو ته سي پيڪ فيز ٽو ۾ به بلوچستان لاءِ ڪجهه ناهي، اسلام آباد جي ذهنيت جي ڪري بلوچستان سڙي رهيو آهي،نيشنل پارٽي جي ميمبر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته نه مان سي پيڪ جي ڪنهن معاهدي تي صحيح ڪئي آهي نه ئي اهو منهنجي سامهون گذريو آهي،اسپيڪر تي ٽوڪ ڪندي هن چيو ته مون کي سي پيڪ جي ايتري ئي خبر آهي جيتري توهان کي ريڪوڊڪ جي،چين اسان جون اختياريون ضرور وينديون آهن پر بند ڪمري واري اجلاس ۾ وفاق جا نمائندا هوندا آهن، هن چيو ته 56 ارب ڊالر سان روڊن،بجلي ۽ فائبر آپٽڪ تي ڪم ٿيندو پر بلوچستان ۾ انهن مان ڪجهه ناهي ڪيو ويو، 2200 ايڪڙ ايراضي وفاق اسان کان خريد ڪئي پر پورٽ تي ڪجهه عمارتون ئي ٺهيون آهن،هن چيو ته سي پيڪ مان اسان کي ڪجهه ناهي مليو، گوادر لاءِ رڳو ٻه فلائيٽون آهن جنهن لاءِ ايتري نفري لڳائي وئي آهي، اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي چيو ته بلوچستان جا ماڻهو سي پيڪ جي نالي تي پنڪچر لڳائي رهيا آهن، ايندڙ اجلاس ۾ سي پيڪ جي حوالي سان منصوبن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.