سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙو، کوٽ 65 سيڪڙو کان به وڌڻ جو خطرو

ڪراچي(رپورٽ: خدا ڏنو شاھه) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 53 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته ارسا سنڌ جي حصي مان 15 هزار 400 ڪيوسڪ جو ڪٽ هڻي ڇڏيو آهي، پاڻي جي بدترين صورتحال پيدا ٿي وڃڻ جاچٽا امڪان پيدا ٿي ويا آهن ۽ مارچ جي آخري ڏهي ۾ پاڻي کوٽ 65 سيڪڙو کان به وڌي وڃڻ جو امڪان آهي، دستاويزن توڙي سرڪاري ذريعن موجب تربيلا ۽ منگلا ڊيم ڊيڊ ليول ٿي ويا آهن ۽ هاڻ ملڪي سسٽم ۾ پاڻي جي ورهاست رن آف رور تي ڪئي پئي وڃي جنهن حساب سان سنڌ ۾ پاڻي جو بدترين بحران پيدا ٿي ويو آهي، سرڪاري انگن اکرن موجب تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 17 هزار 800 ڪيوسڪ آهي جتي ڪجھه ٽربائين بند ڪري تربيلا ڊائون ۾ 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، ٻي طرف منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 22 هزار ۽ ڊائون ۾ به 22 هزار ڪيوسڪ ڇڏيو ويو آهي، ڪابل درياهه جا وهڪرا بهتر ٿيڻ ڪري ان ۾ پاڻي جي آمد 24 هزار 300 ڪيوسڪ آهي پر اهو پاڻي وري چشما وٽ روڪيو پيو وڃي، جتان وري پنجاب جي ٿل ڪئنال کي 3000 هزار ڪيوسڪ پاڻي جاري ڪيو پيو وڃي، منگلا جو سئو سيڪڙو پاڻي پنجاب کڻي رهيو آهي ته ٻي طرف سنڌو درياھه تان به مختلف ڪئنالن ۾ پنجاب پنهنجي کڻت جاري رکيو پيو اچي، گڏو گڏ ڪڇي ڪئنال ۾ 5 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، جنهن جو استعمال پڻ پنجاب ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته 325 ڪلوميٽر ڪڇي ڪئنال پنجاب مان لنگهي پوءِ بلوچستان پهچي ٿو، سنڌ کي وري حصي جو پاڻي 37 هزار 700 ڪيوسڪ گڊو بئراج تان ڏيڻ بدران 41 سيڪڙو جو ڪٽ هڻي چشما بمراج وٽان ڏنو پيو وڃي جيڪو گڊو تائين پهچندي لائين لاسز ۽ پنجاب جي چوري سبب وڌيڪ گهٽجي وڃي ٿو، ارسا ۽ پنجاب گڏيل طور تي سنڌ جي شيئر مان 15 هزار 400 ڪيوسڪ جو ڪٽ هڻي حصي جو پاڻي چشما کان روانو ڪيو آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ مارچ جي آخري ٽين ڊيليز ۾ 65 سيڪڙو تائين پهچڻ جو چٽو امڪان آهي، ارسا ۽ پنجاب جي ملي ڀڳت سان سنڌ جي حصي مان 41 سيڪڙو ڪٽ هڻڻ ۽ سنڌ کي پاڻي گڊو بدران چشما وٽان ڏيڻ واري عمل تي سنڌ سرڪار خاموش آهي، ارسا ۽ پنجاب جي هوڏ سبب گڊو بئراج وٽ 23 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي پهتو آهي جيڪو وڌيڪ گهٽجي ويندو ڇاڪاڻ ته چشما وٽان سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽايو ويو آهي،گڊو بئراج جي ڪئنالن تي پاڻي کوٽ 25 سيڪڙو ٿي ويئي آهي جتان سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن لاءِ فقط 18 هزار 7 سئو21 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي جنهن سبب سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 66 سيڪڙو ٿي ويئي آهي، مجموعي طور تي سنڌ ۾ پاڻي  جي کوٽ 53 سيڪڙو ٿي ويئي آهي، جيڪا کوٽ مارچ جي آخري ڏهي ۾ 65 سيڪڙو کان وڌي وڃڻ جو امڪان آهي، ٻي طرف سنڌ سرڪار وڏي وزير توڙي آبپاشي کاتي واري سيڪريٽري سنڌ جي پاڻي مسئلي تي لاڳيتو خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، هوڏانهن سنڌ آبادگار بورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري رابطي ڪرڻ تي ٻُڌايو ته آبپاشي کاتي وارا غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، انهن کي اندازو به ناهي ته مارچ ۽ اپريل ۾ سنڌ ۾ ڪهڙي صورتحال هوندي، سنڌ سرڪار سموريون طاقتون ڪتب آڻي حصي جو پورو پاڻي گڊو بئراج تي وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.