لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پي ايس ايل فرنچائزز لاءِ وڏن انعامن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
محسن نقوي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پي ايس ايل فرنچائزز لاءِ ايندڙ ايڊيشن ۾ انعام جو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
هن ٻڌايو ته پي ايس ايل جي گروٿ تي فرنچائزز کي انعام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٽورنامينٽ جي فاتح فرنچائز کي 5 لک ڊالر انعام ڏنو ويندو، جڏهن ته رنر اپ کي 3 لک ڊالر انعام ڏنو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ڊيولپمينٽ لاءِ ڪم ڪندڙ بهترين فرنچائز کي 2 لک ڊالر انعام ملندو، اچو سڀ گڏجي ڪرڪيٽ کي اوچائين تي پهچايون.
You might also like