ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني برقرار،ڦر دوران مزاحمت تي هڪ وڌيڪ نوجوان قتل

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: ممتاز سنڌي+عرفان کوسو)ڦر مزاحمت تي زخمي نوجوان صدام کوسو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.ڪنڌڪوٽ ۾ رت جي راند بند نه ٿي سگهي گولين جو وسڪارو وڌيڪ هڪ نوجوان صدام کوسو ڦر مزاحمت تي گولين جو کاڄ بڻجي ويو.حيدري چوڪ وٽ ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙ 27 سالا نوجوان صدام پٽ نجم الدين کوسو کي هٿياربندن ڦر لٽ ڪئي مزاحمت تي نوجوان مٿان گوليون وسايون ويون جيڪو سخت زخمي ٿي پيو هو.نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي سکر منتقل ڪيو ويو جتي هو رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.هٿياربند واردات ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا پوليس بيوس بڻيل.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڦرلٽ مزاهمت تي ۽ ڀتاخوري وارداتن ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪنڌڪوٽ مان 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.