ڪئنالن بابت سراپا احتجاج سنڌي قوم جي پريشاني ختم ڪئي وڃي

وفاقي سرڪار کي سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تان جمهوري حڪومت هئڻ ناتي هاڻي هٿ ڪڍڻ گهرجي ۽ سراپا احتجاج سنڌي قوم جي پريشاني ختم ڪرڻ بابت سوچڻ گهرجي پر افسوس ته وفاقي حڪومت پنهنجي رويي سان اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته ان لاءِ صرف ۽ صرف ملڪ جو هڪ صوبو پنجاب ئي اهميت رکي ٿو جو ان صوبي مان موجوده وفاقي حڪومت مسلم ليگ (ن) کي سڀ کان گهڻا ووٽ ملندا رهيا آهن. جڏهن ته ڪنهن به وفاقي حڪومت کي وفاقي سطح تي پاليسيون جوڙڻ گهرجن ۽ خاص ڪري اهڙي جماعت جيڪا وفاقيت جي دعويدار هجي تنهن مٿان اڃان به اها ذميواري وڌي وڃي ٿي ته اها وفاق جي روح تحت حڪومت ڪري يا ڪم ڪري.

سن درياهه جيئن ته سڄي ملڪ مان وهي ڪري سنڌ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ته ان تي صرف هڪ صوبي پنجاب جو حق نٿو مڙهي سگهجي ائين نٿو ٿي سگهي ته جيئن جاگرافيائي طور درياهه پهريون پنجاب مان وهي پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ته پنجاب صوبو ڊيم ۽ ڪئنال اڏي سڀ جو سڀ پاڻي پاڻ وٽ جمع ڪري ڇڏي ۽ رڳو پنهنجيون غيرآباد زمينون آباد ڪندو وتي. تنهن ڪري وفاقي حڪومت جو فرض آهي ته اها وفاقي روح تحت درياهن جي عالمي قانون جي پاسداري ڪري ۽ ملڪي پاڻي معاهدي تحت درياهه جي پاڻيءَ جي منصفاڻي آئيني ۽ قانوني طور تي ورڇ ڪري.

پر مسئلو ئي اهو آهي ته وفاقي حڪومت وفاقي روح پٽاندڙ حڪومت نه ٿي ڪري. نه اها درياهن جي عالمي قانون تحت درياهه کي وهائڻ تي ٿي عمل ڪري جنهن ڪري ملڪي سطح تي پاڻي جو بحران پيدا ٿي پيو آهي. ظاهر آهي جيڪڏهن ملڪ کي آئينم قانون ۽ جمهوري روح تحت نه هلايو ويندو ته مسئلا ۽ بحران ئي پيدا ٿيندا ۽ ملڪي تاريخ به ٻڌائي ٿي ته پاڻي جي کوٽ ۽ بحران جو ذميوار هر دور ۾ پنجاب ئي رهيو آهي. موجوده پنجاب جي صوبائي حڪومت ۽ ان جي وزيرن جو اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي کڻي ٿو. اصولي طور تي ڏسجي ته پنجاب پنهنجا ٽي درياهه ستلج، بياس ۽ راوي 1960ع ۾ ڀارت کي وڪڻي ڇڏيا هيا جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ ٿي، هاڻي اهو به سنڌو درياهه مان ئي اضافي پاڻي کڻي ٿو نه رڳو اضافي پاڻي کڻي ٿو پر ان پاڻيءَ تي وقت به وقت ڊيم ۽ ڪئنال به ٺاهي ٿو. جڏهن ته درياهن جو اهو عالمي قانون آهي ته درياهه جي ڪنهن به منصوبي بابت اوهان کي درياهه جي پوڇڙي تي رهندڙ علائقي کان اين او سي وٺڻي پوندي هوندي آهي. اهو علائقو اين او سي ڏيندو ته اوهان سنڌو درياهه تي ڪو  منصوبو شروع ڪري سگهو ٿا،  ٻي صورت ۾ اجازت بنا ڪو منصوبو، ڪو ڊيم ڪو ڪئنال اڏي نه ٿا سگهو.

ٻيو ته وفاقي سرڪار کي 91 واري پاڻي معاهدي تي به يقينن عمل درآمد ڪرائڻ گهرجي. جڏهن سنڌ وفاقي حڪومت کان 91 واري پاڻي معاهدي تحت پاڻي جو حصو گهرندي آهي ته چيو ويندو آهي ته انڊس جي سسٽم ۾ پاڻي ئي گهٽ آهي جيترو پاڻي هوندو ته ان حساب سان ورڇ ٿيندي ته پوءِ سنڌ ۽ سنڌي عوام اهو پڇڻ تي حق بجانب آهي ته جڏهن سسٽم ۾ پاڻي معاهدي تحت حصو به  نٿو ڏئي سگهجي ته ان ٿوري مقدار  واري پاڻيءَ  تي ڇهن نون ڪئنالن لاءِ واڌو پاڻي ڪٿان آڻبو؟  ٻيو ته حڪومت درياهه جي پاڻي جي  منصفاڻي ورڇ جو به اڃان ڪو انتظام نه ڪري سگهي آهي. ٽيليميٽر سسٽم لاڳو ئي نه ٿي سگهيو آهي جو خبر پوي ته پاڻي جي ورڇ انصاف پٽاندڙ ٿئي به ٿي يا نه.

پر مجموعي طور تي سنڌ جو صوبو جيڪو سنڌو درياهه جي پڇاڙ تي آهي تنهن ۾ اڪثريتي طور تي ڏڪار کي ڏسندي، بيراجن مان واري اڏامندي ڏسندي، سنڌو ڊيلٽا جي تباهي ۽ درياهه جو سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪر ڻ ۽  ان سبب سمنڊ جو اڳتي وڌي اچي سنڌ جون 40 لک ايڪڙ آباد زمينون کاريون ڪرڻ واريون زميني حقيقتون ڏسجن ٿيون ۽ مٿان وري ڇهه ڪئنال اڏڻ جو منصوبو ٺاهجي ٿو ته لڳي ٿو ته سنڌو درياهه رڳو پنجاب  ۾ ئي آهي ۽ جيڪڏهن ائين ناهي  ۽ سنڌو جي سسٽم ۾ پاڻي گهٽ آهي ته  پوءِ پنجاب کي ڇهن ڪئنالن مان هٿ ڪڍڻ گهرجي.

سو وفاقي حڪومت کي سراپا احتجاج سنڌي قوم جي پريشاني جو احساس ڪرڻ گهرجي جو اهو ايڏو پريشان آهي ۽  ايڏي بي چيني ۾ مبتلا  آهي جو رمضان شريف ۾ روزن جي مهيني ۾ روزن هوندي به بک اڃ تي ڪشمور کان ڪارونجهر ۽ ڪارونجهر کان ڪينجهر،  ڪينجهر کان ڪراچي تائين احتجاجي ريليون ڪڍي رهيو آهي جنهن ۾ مردن سان گڏ عورتن ۽ ٻارن جو به وڏو تعداد شامل آهي. تنهن ڪري وفاقي حڪومت جو فرض آهي ته اها سنڌي قوم جي ان پريشاني ۽ بي چيني کي ختم ڪري ٻي صورت ۾ سنڌي قوم پ پ کان مطالبوڪري سگهي ٿي ته اها مسلم ليگ (ن)  جي وفاقي حڪومت مان نڪري اچي ۽ اهڙي غير جمهوري سنڌ دشمن حڪومت کي هلڻ نه ڏي. واضح رهي ته آن دي ريڪارڊ پ پ به سنڌو مان نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن خلاف آهي جنهن کي بحيثيت صدر آصف علي زرداري به رد ڪري چڪو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.