ڏھرڪي/اوٻاوڙو/ رپورٽ:اجيت ڪمار+ منصور پيرزادو+ عبدالحئي ڇڄڻ) ايم پي اي ڄام مھتاب حسين ڏھر مٿان قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف گھوٽڪي ضلعي جي 20 کان وڌيڪ ٿاڻن جيپوليس پاران بڪتر بند گاڏين ذريعي شر برادري سان تعلق رکندڙ ڳوٺن تي چڙهايون ڪري درجنين گھر ساڙي ڇڏيا. پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ڄام مھتاب ڏھر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي بعد گزريل ڏينهن صبح جو گھوٽڪي ضلعي جي 20 ٿاڻن جي پوليس اٽالن ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو جي اڳواڻي ۾ بڪتر بند گاڏين ذريعي ڏھرڪي ويجھو ڳوٺ الياس شر، صوبدار شر، اصغر شر ٻيروٽا شر ۽ ٻين مختلف ڳوٺن تي چڙهايون ڪري درجنين گھرن کي باھيون ڏئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ هو ته ڄام مھتاب حسين ڏھر تي حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. جلد حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ٻئي پاسي متاثر ڳوٺن جي رهواسي عورتن ۽ مردن ميڊيا آڏو اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي چيو آهي ته اسان پر امن ڳوٺاڻا آھيون اسان کي صرف شر ذات ھجڻ جي ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي اسان ڏوھاري ناھيون ھنن چيو ته پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروايون ڪرڻ بدران اسان ڳوٺاڻن جي گھرن کي باھيون ڏئي ڪروڙين روپين جو نقصان ڪيو آهي. . پوليس ڀاڳين جي غير موجودگي ۾ سندن چوپايو مال بہ ڪاھي ھلي وئي آھي. پوليس جو چوڻ آھي تہ حملي ۾ نظير شر، الياس شر ۽ سندس ساٿي ملوث آھن. جن جي گرفتاري لاءِ وڏي پيماني تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو پيو وڃي.
پوليس چڙهاين خلاف شر برادري جي عورتن جو احتجاج
ڏھرڪي/اوٻاوڙو: پوليس چڙهاين خلاف شر برادري جي متاثر ڳوٺن جي رهواسي عورتن ۽ مردن ميڊيا آڏو اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي چيو آهي ته اسان پر امن ڳوٺاڻا آھيون اسان کي صرف شر ذات ھجڻ جي ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي اسان ڏوھاري ناھيون ھنن چيو ته پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروايون ڪرڻ بجاء اسان ڳوٺاڻن جي گھرن کي باھيون ڏئي ڪروڙين روپين جو نقصان ڪيو آهي جيڪو ظلم آھي ھنن گھر ڪئي آهي ته خدارا اسان غريبن جي حال تي رحم ڪيو وڃي ھوڏانھن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پوليس شڪ جي بنياد تي ڪجھ گرفتاريون ڪيون آهن جن کي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيو ويو آهي جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي پر گھوٽڪي ضلعي جي پوليس کي آپريشن ۾ ڪا خاص اڳڀرائي ڪون ملي سگھي آھي
حملي ۾ قتل ٿيل ظفر ڏهر مٽي ماءُ حوالي، ڄام مهتاب ۽ ٻيا پهتا
ڏھرڪي/اوٻاوڙو: ڏھرڪي لڳ کينجھو ٿاڻي جي حد الھ يار شاخ وٽ ايم پي اي ڄام مھتاب ڏھر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جو ڪيسواقعي کي 36 ڪلاڪ گذرڻ باوجود داخل نہ ٿي سگھيو آھي. پوليس ڀاڳين جي غير موجودگي ۾ سندن چوپايو مال بہ ڪاھي ھلي وئي آھي. ڄام مھتاب ڏھر مٿان قاتلاڻي حملي دوران سخت زخمي ٿيل اسد شاھ ۽ چنيسر ڌونڌو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار اسپتال داخل آھن. جڏھن تہ اختر پٺاڻ کي گمبٽ اسپتال انتھائي نگھداشت واري وارڊ ۾ رکيو ويو آھي. حملي ۾ مارجي ويل ظفر ڏھر کي سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي.سندس جنازي نماز ۾ ڄام مھتاب ڏھر سميت وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. ھوڏانھن ايم پي اي مٿان حملي بعد ايم پي اي علي گوھر مھر، انجنيئر عبدالباري پتافي، ميان رفيق احمد سميت ڪيتريون ئي سياسي شخصيتيون ڏھر ھائوس بشير آباد پھتيون جتي ھنن ڄام مھتاب سان دلي ھمدردي جو اظھار ڪيو آھي.
پوليس آءِ ٽي ذريعي اصل جوابدار پڪڙي، بي گناهن جا گهر ڊاهيا ويا: الزام هيٺ آيل الياس شر
ڏھرڪي: کينجھو پوليس پاران ڄام مھتاب ڏھر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ ملوث ڄاڻايل الياس شر پنھنجو سڄو ڳوٺ بلڊوز ٿيڻ بعد ميڊيا کي بيان ڏنو آھي تہ اڄ ڪلھ آءِ ٽي جو دؤر آھي. ايس پي گھوٽڪي کي حملي کان اڳ جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪري اصل جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ھا. پر پوليس پوليس پنھنجي نا اھلي لڪائڻ لاءِ واقعي ۾ منھنجو نالو ظاھر ڪندي اسان بي گناھن جا گھر بلڊوز ڪيا آھن. جيڪو ظلم آھي. ھن چيو تن ڄام مھتاب گذريل 21 سالن کان مون سان ظلم ڪرائي رھيو آھي. ھن دفعي ھن اسان جا گھر ڇنيا آھن. پوليس عملدار تہ بدلي ٿي ھليا ويندا پوءِ ھتان جا قبيلا پوليس جي پيدا ڪيل نفرتن ۾ خوني جھيڙا ڪندا رھندا. ان ڪري اسان ايس پي گھوٽڪي کي بہ چئون ٿا تہ اصل ڏوھارين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي.
سياسي رنگ ڏئي منهنجي والد کي ڦاسايو پيو وڃي: جھانگير شر
ڏهرڪي/اوٻاوڙو: رابطو ڪرڻ تي شھريار شر جي فرزند جھانگير شر ميڊيا کي ٻڌايو تہ ڄام مھتاب ڏھر مٿان حملي کي سياسي رنگ ڏئي منھنجي والد کي ڦاسايو پيو وڃي. ھن چيو ڏوھاري ڪنھن جو ناھي ھوندو. شھريار کي بہ ڏوھاري جي پٺڀرائي نہ ٿو ڪري. ھن مٿان حملو ٿيو تہ بہ ڪنھن تي الزام نہ لڳايو ويو نہ وري سياست ڪئي وئي. ھن چيو تہ بي شڪ انڪوائريون ڪيڳن وڃن اسان جا ھٿ صاف آھن.