مٽياري/ اڏيرو لعل وليج) نمائندا) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جو چوڻ آھي ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آھي، ڪئنال ٺھيا ته سنڌ تباھ ٿي ويندي، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پيپلز پارٽي سميت پوري سنڌ جي عوام ڪئنالن کي رد ڪري چڪي آھي، پوري سنڌ روڊن تي آھي، سيد ممتاز شاھه جي افطاري جي دعوت دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته پاڪستان ھڪ فيڊريشن ملڪ آھي ان ڪري وفاق کي سنڌ جي دانھن ٻڌڻ گھرجي، سنڌ جي احتجاج تي ڌيان ڏيڻ گھرجي، شھباز شريف چئني صوبن جو وزيراعظم آھي ان ڪري جيترو پنجاب جو درد رکي ٿو ايترو سنڌ جو به رکڻ گھرجي، ان موقعي تي آخوند جاويد اختر صديقي، جمشيد سمون، سھيل ساھووال، منير خاصخيلي، زوار نديم ڏاھري، صحافي ضمير خاصخيلي، طارق ميمڻ، رياض چانڊيو، معشوق قمبراڻي، علي فيضان خاصخيلي، ذيشان کوسو ۽ ٻيا موجود ھئا.