قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت ملڪ ۾ دهشت گردي جي وڌندڙ واقعن سبب پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جيڪو بند ڪمري ۾  سڀاڻي اڱاري تي ٿيندو، جنهن جي صدارت قومي اسمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو، وزيراعظم شهباز شريف، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ انٽيليجنس ادارن جا سربراهه به شرڪت ڪندا، اجلاس لاءِ پوري هائوس کي سلامتي ڪميٽي ۾ تبديل ڪيو ويندو، اعليٰ عسڪري قيادت خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ سببن تي بريفنگ ڏيندي، جڏهن ته ميمبرن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا ويندا، اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نيشنل ايڪشن پلان جي تجديد جي تجويز جو به جائزو ورتو ويندو، پارليامينٽ جي فيصلي جي روشني ۾ دهشتگردن خلاف آپريشنز ۾ تيزي آڻڻ سان متعلق فيصلا ٿيندا،

۽ قومي ايڪشن پلان تي عمل درآمد جو به جائزو ورتو ويندو.

  1. هڪ ڏينهن ۾ دهشت گردن جا 50 کان مٿي حملا سواليه نشان

اسلام آباد (حماد حسن) پختونخوا ۾ مولانا حامد الحق کانپوءِ مفتي منير شاڪر جي شهادت ٿي، اهو ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته پختون خطي۾ مدرسن ۽ مذهبي اثرن کي نقصان رسايو پيو وڃي. مدرسن جو سلسلو ٽٽو ۽ رياست يا سياسي پارٽي سان ٽڪراءَ ۾ آيو يا تڪراري بڻيو ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪرندا. حامد الحق تي حملي کانپوءِ ٽي ٽي پي مذمت ڪئي هئي ته پوءِ اهو حملو ڪنهن ڪيو؟ داعش طالبان کي اهو ٻڌائي رهي آهي ته اوهان جي وڏڙن کي نشانو بڻائينداسين. دهشتگردن الخندق آپريشن جو چيو ويو آهي هو چون ٿا ته خيبرپختونخوا ۾ 24 ڪلاڪن کان گهٽ وقت ۾ گذريل ڏينهن تائين 50 حملا ڪيا آهن. 12 کان 13 حملا ته اسان جي سامهون آهن. چيو پيو وڃي ته ان ۾ اسرائيل، ڀارت ۽ افغانستان جو هٿ آهي، گهڻو ٿي ويو، هاڻي بس ڪريو، جيڪڏهن انهن جو هٿ آهي ته اوهان ڇا جي لاءِ آهيو؟ اوهان تي اربين رپين جي بجيٽ ان لاءِ لڳائي وڃي ٿي ته اوهان ان کي روڪيندا. هاڻي وڏا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. عمران خان کي به آزاد ڪري سياستدانن جي وڏي ڪانفرنس گهرائجي، مذهبي اڳواڻن کي به گهرائجي، پختونخوا جي سطح تي وڏو جرڳو ڪوٺائجي جنهن جي سربراهه مولانا فضل الرحمان يا ڪو ٻيو ڪري. ايمل ولي، امير مقام، سراج الحق ۽ دانشورن کي به گهرايو وڃي. مرڪزي سطح تي ڪانفرنس گهرائڻ گهرجي جنهن ۾ سڀ سياسي ڌريون هجن. نواز شريف کي به ڪنهن ڪنڊ مان ڪڍيو وڃي، ملڪ ٻڏي رهيو آهي ۽ هو خبر ناهي ڪٿي گم آهي، مولانا کي به پرچائي وٺجي. سوال اهو آهي ته ڇا ادارن جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي آهي يا نه؟  ڇا اهو به افغان سرحد جي آس پاس موجود دهشتگردن جي طاقت جو نتيجو آهي؟ ڇا انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ايترو ڏکيو آهي. دهشتگردي جي لعنت پشتون ۽ بلوچ بيلٽ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. اسان جا ادارا ڇا پيا ڪن؟ جيتوڻيڪ اسان ايٽمي طاقت آهيون ساڍا ست لک فوج آهي ۽ نمبر ون ادارا آهن، اسان افعانستان کي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهون ته پوءِ هڪ پاسي چين آهي ٻئي پاسي هندستان آهي اهڙي صورتحال کي ڪئين منهن ڏينداسين؟ منهنجو سوال هڪ عورت صحافي به ڊي جي آءِ ايس پي آر کان ڪيو ته ڇا اها انٽيلجنس ناڪامي ناهي؟ هن چيو ته نه واقعا ٿين به ٿا پر روڪجن به ٿا. پر اسان جو سوال آهي ته واقعا ٿين ڇو ٿا؟ پر افغانستان جهڙو ملڪ جتي ڪا بسڪٽ فيڪٽري ناهي کنڊ به اسان جي کڻي وڃي ٿو اتان ڏينهن ۾ ٽي ٽي حملا ٿي رهيا آهن فوجي جوان ۽ سويلين جا لاش کڻي رهيا آهيون. چوندا هئا ته اسان جي اک ماسڪو ۽ ڪريملن تائين آهي ته پوءِ قنڌار ۽ جلال آباد مان ايندڙ دهشتگردن کي روڪي نه ٿو سمجهي؟ افغانستان جي ڀر ۾ ايران به آهي دنيا کان ڪٽيل آهي پر  اتي حماس اڳواڻ مارجي ويو پر جلد ئي هنن صورتحال تي قابو آندو. قزاقستان هجي يا چين هجي جتي سنڪيانگ معاملو ٿيو پر اتي فورن دهشتگردي  تي ضابطو اچي وڃي ٿو. اسان هر معاملي جو  الزام انڊيا تي هڻون ٿا. اتي خالصتان تحريڪ هئي اها به ختم ٿي وئي. 2014 جي ڳالهه ڪريون ٿا اتان کان واقعا شروع ٿين ٿا حملا ٿيندا رهن ٿا. چون ٿا ناڪامي تي سوال نه ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.