نوشڪي/ ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي قافلي تي پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جي آپگهاتي حملي ۾ ٽن اهلڪارن سميت 5 ڄڻا شهيد ۽ 25کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪالعدم بي ايل اي جي دهشتگردن ڪالهه صبح نوشڪي جي هنڌ تي ايف سي جي قافلي تي بارودي مواد سان ڌماڪو ۽ خودڪش حملو ڪيو، سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي موثر جوابي ڪارروائي ڪئي، جوابي ڪارروائي ۾ بمبار سان گڏ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته حملي ۾ ايف سي جا 3 جوان ۽ 2 شهري شهيد ٿي ويا، حملي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گهيرو ڪري ڪليئرنس آپريشن ڪيو، هڪ سينيئر سرڪاري اهلڪار موجب ڌماڪو نوشڪي شهر جي ويجهو ڪوئٽا ۽ تفتان جي وچ ۾ آر سي ڊي شاهراهه تي ان وقت ٿيو، جڏهن سيڪيورٽي فورسز جو هڪ قافلو ڪوئٽا کان نوڪنڊي ڏانهن وڃي رهيو هو جنهن ۾ ست بسون ۽ ٻه ڪارون شامل هيون، قافلو نوشڪي ۾ هڪ فلور مل ويجهو پهتو ته هڪ بس ويجهو ڌماڪو ٿيو، جڏهن ته باقي گاڏين کي راڪيٽن سان نشانو بڻايو ويو، ڌماڪي ۾ هڪ بس تباهه ٿي وئي، ايس ايڇ او نوشڪي جو چوڻ آهي ته مليل شاهدين مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته بمبار ڌماڪو خيز مواد سان ڀريل گاڏي ايف سي جي قافلي سان ٽڪرائي، آءِ ايس پي آر موجب نوشڪي حملي ۾ 5 ڄڻا شهيد ٿيا آهن، جن ۾ 3 جوان ۽ 2 شهري شامل آهن، شهيدن ۾ حوالدار منظور علي، حوالدار علي بلاول ۽ نائيڪ عبدالرحيم شامل آهن، شهيدن جو قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، ٻي پاسي پابندي مڙهيل پسند تنظيم بلوچ لبريشن آرمي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي، وزير اعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي، وفاقي وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند نوشڪي ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي، وزير اعليٰ جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي امن سان کيڏڻ وارن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائينداسين، محسن نقوي جو چوڻ آهي ته دشمن ملڪ پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪريل سازش ڪري رهيا آهن، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف قومي عزم کي ورهائي نٿيون ڪري سگهن، ٻي پاسي قلعه سيف الله ۾ ليويز ٿاڻي جي مک دروازي تي زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن سان دروازي کي نقصان پهتو، جڏهن ته ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي، ٻه ڏينهن اڳ ڪوئيٽا سميت مختلف هنڌن تي چئن ڌماڪن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿيا هئا.