زرعي انڪم ٽئڪس تي آءِ ايم ايف مطمئن، صنعتي پيداوار جي نگراني ٿيندي

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) صنعتي شعبي جي وڊيو مانيٽرنگ جو نظام لاڳو ڪري آءِ ايم ايف جو مطالبو پورو ڪري ڇڏيو. ايف بي آر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، صنعتي شعبي جي پيداوار جي نگراني ڪئي ويندي، جتي سينٽرل ڪنٽرول يونٽ ايف بي آر کي ريئل ٽائيم ڊيٽا فراهم ڪندو.  ايف بي آر جو چوڻ آهي ته پيداوار جي رڪارڊ جو تجزيو ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، جڏهن ته وڊيو مانيٽرنگ کانسواءِ ڪو به مال فيڪٽري مان ٻاهر نه ٿي سگهندو، نگراني لاءِ سامان لائسنس يافته وئنڊر جي ذريعي نصب ڪيو ويندو . ان کان کانسواءِ لاڳاپيل وئنڊر کي وقت به وقت نصب ٿيل ٽيڪنالاجي کي اپ گريڊ ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي. عالمي مالياتي ادارو آءِ ايم ايف زرعي انڪم ٽيڪس جي وصولي لاءِ قانون سازي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ڳالهين لاءِ آن لائن رابطو برقرار رکيو ويندو، جڏهن ته پاڪستاني اهلڪار اميد آهن ته 3 شعبن ۾ تحفظات جي باوجود مشن قرض جاري ڪرڻ جي سفارش ڪندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.