کنڊ جو هٿرادو بحران پيدا ڪندڙ پڪڙيا وڃن: شهباز شريف

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ کنڊ جهجهي مقدار ۾ آهي، هٿرادو بحران پيدا ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. کنڊ جي استعمال، رسد ۽ قيمتن بابت اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته عوام کي مقرر ڪيل اگهه تي کنڊ جي فراهمي يقيني بڻائين ۽ چيو ته ذخيره اندوزي، اگهن ۾ ڦير ڦار ۽ هٿرادو واڌ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم غيرقانوني منافعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.