مٺي(رپورٽ:غازي بجير) مٺي ۾ سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنالن خلاف ايس ٽي پي، ايس يو پي ۽ ٻين تنظيمن پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي ،ڪئنالن خلاف سخت نعربازي ڪئي ويئي،مٺي ۾ ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،ايس ٽي پي صدر گھنشام مالهي ڏيوجي ڀيل،لالا مهيش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي هائوس کان ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.ايس ٽي پي جي احتجاج ۾ ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ ٿر سجاگ سٿ، ادبي سنگت سان گڏ شھري به شريڪ ٿيا، احتجاج کي گھنشام مالهي،ماما وشن ٿري،نصير ڪنڀر، شاهد بلوچ،سالم سميجو ۽ ٻين خطاب ڪيو، اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي غير قانوني ڪئنال 6 ڪروڙ سنڌين جي وجود تي وارآھي جيڪو ڪوبه غيرت مند سنڌي قبول نه ڪندو،سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏي سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، سنڌ پنهنجي بقا لاءِ ويڙھ ڪندي،حڪمرانن سنڌ جي سمورن وسيلن کي نيلام ڪرڻ کانپوءِ آخري وار سنڌو درياهه تي ڪيو آھي، جيڪو کين ڳچي ۾ پوندو،سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنالن جو قاتل منصوبو ھميشه لاءِ رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، سنڌ جو ٻچو ٻچو درياهه تي تڪراري ڪئنالن خلاف هر احتجاج ۾ شامل ٿيندو، هي جياپي جي جنگ آھي جيڪا آخري پساهه تائين وڙھنداسين، هوڏانهن ٻي پاسي ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر سجاڳ فورم،سنڌي ادبي سنگت شاخ ۽ عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌو درياھ مان ڇهھ ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي ڌرڻو هنيو ويو.