لاهور (معظم فخر) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف ۽ بلوچستان جي وزيراعليٰ سرفراز بگٽي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته دهشتگردن لاءِ هاڻي رولز آف گيم تبديل ٿي ويا آهن، جيڪي گهر ساڙين ٿا، سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي قتل ڪن ٿا، ۽ مذهبي بنيادن تي ماڻهن کي مارين ٿا، انهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. پاڪستاني ادارا هاڻي انهن کي سندن گهرن ۾ گهڙي ماريندا. ڊي جي آءِ ايس آءِ مطابق، دهشتگردن کي لاجسٽڪ سپورٽ افغانستان مان ملي رهي آهي، جڏهن ته ڀارت مالي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، جعفر ايڪسپريس تي حملو پڻ ڀارت جي جارحيت جو تسلسل آهي. هن چيو ته ڀارت سوشل ميڊيا وار فيئر کي ليڊ ڪري رهيو آهي، ۽ هتي موجود شرپسند ان مهم ۾ حصو وٺي رهيا آهن. مغوين جي بازيابي لاءِ ايئر فورس جي مدد به شامل هئي، جڏهن ته دهشتگردن سمورن مغوين کي ٽرين جي هڪ دٻي ۾ بند ڪري هيومن شيلڊ طور استعمال ڪرڻ جو ارادو رکيو. سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 26 مسافر شهيد، 380 بازياب ٿيا، جڏهن ته 45 ماڻهن بابت اطلاع ناهي ته اهي وچ ۾ ڪنهن ڦاٽڪ تي لٿا يا نه لٿا . انهن 45 ماڻهن بابت اڃا سواليه نشان موجود آهي. سيڪيورٽي فورسز پهاڙن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکيو اچن. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، 2025 ۾ 11 هزار آپريشن ڪيا ويا، روزانو 180 آپريشن جاري آهن، ۽ پريس ڪانفرنس جو مقصد واضح پيغام ڏيڻ هو ته دهشتگردن کي سندن لڪڻ جي جڳهن تي ئي ماريو ويندو.