ڪراچي اوڀر ۾ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي اوڀر ( ن ع آ ) ڪراچي سنڌو درياهه جي عالمي ڏھاڙي تي درياهه تي ڌاڙي خلاف ۽ درياهه کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مختلف پارٽين ايس يو پي جي ستار ڏاھري غلام مصطفي’ چانڊيو سياف اڳواڻ وقار چولياڻي، عوامي جمھوري پارٽي جي محمد جمن تنيو،  غلام قمبر حاجاڻو، لعل محمد چانڊيو،  ايس ايس او جي اڳواڻ گلاب راءِ، پي ٽي آءِ جي آفتاب گوپانگ، اين پي پي جي لعل خان شر جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن طرفان ھٿن ۾ بئنر کڻي احتجاجي ريليون ڪڍي اوڀر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف سنڌ جو شعور جاڳي چڪو آھي،  استاد شاگرد اديبن سميت ھر مڪتب فڪر جا ماڻھو جاڳي چڪا آھن ھنن چيو ھڪ طرف زرداري سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي ته ٻئي طرف پيپلز پارٽي سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ وارو مذمتي بيان ڏئي ڊرامو ڪري رھي آھي پر سنڌ جو عوام ھاڻي انھن کي سمجھي ۽ سڃاڻي چڪو آھي،  پاڻي تي ڌاڙي ۾ پنجاب سان گڏ پيپلز پارٽي به برابر جي شريڪ آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.