گڏاپ (ن ع آ) گڏاپ ۾ درياهن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف سياسي سماجي ۽ ادبي تنظيمن طرفان مختلف علائقن ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي ريليون ۽ ڌرڻا هنيا ويا، فشر فوڪ فورم پاران ابراهيم حيدري ۾ مجيد موٽاڻي، فاطمه مجيد، ايوب شان، مشتاق بابو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موٽاڻي جيٽي کان سمنڊ ڪناري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، درياهه بچايو ڪميٽي طرفان سيد خدا ڏنو شاھ، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر مسرور سيال، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻن اشفاق چنڙ، منان شيخ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ پپري کان نيشنل هاءِ وي تائين سوين ماڻهن تي مشتمل ريلي ڪڍي وئي، ميمڻ ڳوٺ ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن يعقوب خاصخيلي، لطيف راولاڻي، عيسيٰ ڪاتيار، ايڊوڪيٽ ناصر بلوچ، علي مستوئي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان اصغر باغي، شبير لاکو، اصغر عادل قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايل نائن کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا گلشن حديد جي مختلف بازارن ۽ چوڪن کان ٿيندي الله واري چورنگي تي ختم ڪئي وئي، مختلف علائقن مان نڪرندڙ ريلين ۾ درياهه بچايو سنڌ بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي سنڌ درياهه بادشاهه کي بچائڻ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪتل آهي، اسان کي ڪنهن به صورت ۾ درياهه مان ڪئنال منظور نه آهن حڪمران سنڌي ماڻهن جي طاقت کي نه آزمائين، هنن مطالبو ڪيو ته درياهه مان نڪرندڙ ڪئنالن واري منصوبي کي فوري طور تي رد ڪيو وڃي