اسلام آباد(نجم سيٺي)ڊي جي آئي ايس پي آر چيو آهي ته انڊيا ان ۾ ملوث آهي جيڪو بلوچستان ٿيو آهي. نهرن جو معاملو بنيادي طور تي پاڻي جو معاملو آهي ڪالاباغ ڊيم تي ٻه موقف آهن هڪ ته ملڪ جو لاڀ ٿيندو ٻيو سنڌ جو پاڻي روڪيو ويندو.مشرف دور ۾ بڻجي وڃي ها پر ان به ان کي نه وڌايو جو سنڌي ان کي تسليم نه ٿا ڪن ۽ سنڌ جي سرڪار انهن جي موقف جي مخالفت ۾ نه ٿي وڃي سگهي.پاڪستان ۽ انڊيا جو مئسلو به پاڻي جو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب جو به پاڻي جو مسئلو آهي.سنڌ اندر هميشه اها شڪايت رهي ٿي ته پاڻي پورو نه ٿو ملي جڏهن پاڻي پورو نه ٿو ملي ته سمنڊ اڳتي وڌي زمين ڳڙڪائي ٿو.پر حقيقت ۾ پاڻي گهٽجي رهيو آهي. ان جي ڪري پاڻي تي جهيڙا شروع ٿي ويا آهن.انڊيا جهلم مان پاڻي کڻي وڃي ٿو. جڏهن ته ان جوحق به ناهي.زرداري سوري سوري ڪري پيپلزپارٽي پوئتي هٽي وئي آهي.زرداري صاحب تقرير ۾ به اها ڳالهه ڪري ڇڏي.