روهڙي (رپورٽ: زين ڪٽپر) وفاقي حڪومت پاران سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي فيصلي خلاف هيومن رائٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرو سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ لينسڊائون پل ۽ ستين جي آستان وٽ ٻيڙين تي درياهه جي ڪناري تي ڪيو ويو، جتي مظاهرين ٻيڙين ذريعي سنڌو درياءَ ۾ احتجاجي گشت ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي مرڪزي چيئرمين ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد علي ميتلو، آزاد عجيب منڱي ۽ ٻين ڪئي. مظاهري ۾ شاگردن، شاگردياڻين، وڪيلن، سماجي ڪارڪنن ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا، جن تي سنڌو درياءَ جي تحفظ بابت نعرا لکيل هئا. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي زراعت ۽ معيشت جو بنيادي سهارو آهي، نوان ڪينال ڪڍڻ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.