مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي سڏ تي سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف مانجهند، خاڻوٺ، لاکا ۽ لڪي شاهه صدر سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مانجهند ۾ ايس يو پي ڪارڪنن، سماجي تنظيمن، شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري جي اڳواڻي خدا بخش ٿيٻو، عبدالطيف پنهور، محمد يوسف عمراڻي، بابل لطيف کوسو ۽ ٻين ڪئي. مظاهرين ٽن ڪلاڪن تائين مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو. خاڻوٺ ۾ ڪارڪنن زبير ونڊيار جي اڳواڻي ۾ ٻارن هٿن ۾ توا کڻي انوکو احتجاج ڪيو، جڏهن ته لاکا ۾ علي اصغر ميمڻ ۽ علي نواز ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. شيعا علماء ڪائونسل جي اڳواڻن به مانجهند ۾ جمعي نماز بعد احتجاج ڪيو. اڳواڻن چيو ته وفاق سنڌ جي عوام جي مطالبي کي نظرانداز ڪرڻ بدران ڪئنال ٺاهڻ وارو منصوبو واپس وٺي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪئنالن خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو پر قومي اسيمبلي ۾ ن ليگ سان گڏ بيٺل آهي، جيڪو تضاد آهي، پيپلزپارٽي احتجاج ڏسي پوئتي هٽي، هاڻي ن ليگ کان ڌار ٿئي.