گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جعفر ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سموريون رياستون دهشتگردي خلاف پنهنجون عالمي ذميواريون پوريون ڪن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل مذمت ڪندي چيو آهي ته بي ايل اي جي مجيد برگيڊ حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي، سلامتي ڪائونسل جو چوڻ آهي ته دهشتگردي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي، سلامتي ڪائونسل سمورن ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو پاڪستان سان ڀرپور سهڪار ڪن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جعفر ايڪسپريس حملي جي ذميوارن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.