جعفر ايڪسپريس حملي ۾ 18 اهلڪار شهيد ٿيا، ڀارت دهشتگردي جو اسپانسر آهي\ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس تي حملي کانپوءِ ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف بيانيو گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مُک اسپانسر آهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران احمد شريف چيو ته ڀارتي ميڊيا هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ۽ دهشتگرد گروپن جي وڊيوز کي پاڪستان مخالف بيانئي طور استعمال ڪيو. هن ٻڌايو ته حملو هڪ ڏورانهين ۽ ڏکئي علائقي ۾ ڪيو ويو، جتي دهشتگردن پنهنجي پروپيگينڊا کي هٿي ڏيڻ لاءِ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل جعلي وڊيوز ٺاهيون، جيڪي ڀارتي ميڊيا مختلف پراڻين وڊيوز سان گڏ هلائي، پاڪستان خلاف بيانيو گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي. احمد شريف موجب، دهشتگرد افغانستان ۾ موجود پنهنجي هينڊلرن سان رابطي ۾ هئا ۽ انهن ۾ آپگهاتي بمبار پڻ شامل هئا. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن دوران ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، سيڪيورٽي فورسز پهريان انجڻ ۽ پوءِ هڪ هڪ ڪري سمورين بوگين کي ڪليئر ڪرايو. هن چيو ته فوج، ايئر فورس، فرنٽيئر ڪور ۽ ڪمانڊوز آپريشن ۾ حصو ورتو، آپريشن دوران ڪنهن به مسافر کي نقصان نه پهتو. پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فورسز جي آپريشن دوران 33 دهشتگرد ماريا ويا، دهشتگردن جي فائرنگ سبب 26 شهري ۽ پاڪ فوج جا چار جوان شهيد ٿيا، 354 يرغمالي بازياب ڪرايا ويا، جڏهن ته 35 زخمين جو علاج جاري آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، ضرار ڪمپني جا ڪمانڊوز پهريان ٽرين جي انجڻ تائين پهتا، جتان هو اندر داخل ٿيا ۽ دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو. هن ٻڌايو ته دهشتگردن عورتن ۽ ٻارن کي ريل ۾ ئي رکيو، جڏهن ته ٻين مسافرن کي ٻاهر وٺي ويا، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي سنائپرز ذريعي نشانو بڻايو. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن بلوچن جي روايتن کي پائمال ڪيو آهي. سندن مقصد پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي، پر پاڪ فوج جي وقت سر ڪارروائيءَ سان وڏي انساني الميي کي روڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.