جيڪب آباد (بيورو چيف) سٺل سنڌو درياھه جي عالمي ڏهاڙي تي وفاق حڪومت پاران زبردستي سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺل ۾ مختلف قومپرست پارٽين جي اڳواڻن جسقم جي اڳواڻ وسيم قريشي، شمن سومرو، ايس يو پي اڳواڻ جمال جوش ٻرڙو ۽ ٻين پاران پنهنجي پارٽين جا جهنڊا ۽ پينافليڪس هٿن ۾ کڻي مختلف هنڌن کان ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، جتي شھر جي مختلف چوراهن کان وفاق حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهبر چوڪ وٽ سخت احتجاج ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق حڪومت پنجاب جي چولستان جي بنجر پيل زمين کي سرسبز ۽ آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان زبردستي 6 ڪئنال ڪڍي رهيو آھي، جيڪو اسان سنڌين کي ڪڏهن قبول ناهي، هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌو مان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جي لکين ايڪڙ سرسبز زمين بنجر ٿي ويندي، هنن چيو ته سنڌو درياهه اسان جي سنڌين جو جياپو آهي، هنن چيو ته سنڌ جو عوام فيصلو ڏيئي چڪو آھي ته سنڌو درياھه مان ڪڏهن به ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسون.