موري ۾ سياسي سماجي ڪارڪن ۽ شهري رستن تي نڪري آيا، دادو مورو پل وٽ سنڌو کي ڀيٽا

مورو( رپورٽ:جاني مورائي ) سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي لکين ايڪڙ زمين تي خلاف   مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران مورو کان سنڌو درياءُ دادو، مورو پل تائين  سوين عورتن معصوم ٻارڙن طرفان  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي  عوامي تحريڪ جي غلام فريد ڪلھوڙو  عبدالطيف   ايس يو پي جو اسلم ڪوريجو, ياسين سومرو, صمد ڀٽي, جي ايم صابقي،  سگا مورو جو  پروفيسر شمشاد سومرو ، ايم اسلم عباسي, زاھد ڏيپر  سنڌي ادبي سنگت جو اسد علي سولنگي, اين پي پي جو وڏيرو عمران چنڊ, رضوان جماڻي  جي ايم ڪورائي جسقم جو جگديش ڪمار,  قربان ڇڄڙو پي ٽي آءِ جو ممتاز سولنگي, مورو تعلقا بار جو قادر بخش ڪورائي, اي ڪي عباسي  شاگردن عمران نول, محمد رضا ڀٽي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي 6 ڪئنالن ۽ زمين تي قبضي خلاف سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ 6 نوان ڪئنال سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش آھي، جنھن عمل سان سنڌ مڪمل طور تي بنجر بڻجي ويندي. سنڌو درياءُ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ ھجڻ سبب ٺٽي، بدين جي لاڙ پٽي جا علائقا بدترين پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏئي رھيا آھن رھواسين وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي به ميسر ناھي، سمنڊ تيزي سان سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آھي تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن . هڪ طرف ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن ته ٻئي طرف ڪمپني سرڪار آصف زرداري گرين پاڪستان انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سان قوتن کي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڏني آھي جيڪا اسان هزارين سالن کان سنڌ جي عوام جي ملڪيت آھي .  هنن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري جو بيان کليل دوکو، فريب، ڊرامي بازي ۽ عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ڇاڪاڻ ته عملي طور تي آصف زرداري صدارتي محل ۾ خود ڪئنالن جي اجازت ڏئي سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙي جي منظوري ڏئي چڪو آھي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.