ڪراچي ۾جماعت اسلامي پاران اڄ پاڻي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ طرفان سنڌوءُ تي ڌاڙي خلاف اڄ قباءِ آڊيٽوريم ۾ جمعيت اتحاد العلماءَ و مشائخ جي سري هيٺ قباءِ آڊيٽوريم ۾ رٿيل علما مشائخ ”پاڻي ڪانفرنس“ منعقد ڪيو ويندو جنهن جي صدارت جماعت  اسلامي سنڌ جو امير ڪاشف سعيد شيخ ڪندو. جڏهن ته ڪراچي کان ڪشمور مختلف مڪاتب فڪر جا جيد عالم سڳورا شرڪت ۽ تڪراري ڪئنال ڪڍڻ تي قرآن ۽ سنت جي روشني ۾پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا. جمعيت اتحاد العلماءِ و مشائخ سنڌ جي صدر حافظ نصرالله چنا جي قيادت ۾ هڪ وفد ڪراچيءَ ۾ پير حسنين شامي سان ملاقات ڪري کيس پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان موقعي تي علامه حزب الله جکرو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.