شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف شهر جي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ڪامريڊ حبدار ميرجت، آغا ڪالاڻي، الطاف سومرو، ذوالفقار مگسي ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ قبول نه ڪندا، اهو منصوبو سنڌ خلاف هڪ وڏي سازش آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو ساهه آهي ۽ ان کي بچائڻ لاءِ هر سطح تي مزاحمت ڪئي ويندي. هنن الزام هنيو ته سنڌ دشمن قوتون سنڌ جي ماڻهن کي حقن کان محروم ڪرڻ چاهين ٿيون، پر سنڌ جا سپوت سنڌو درياهه تي ڪنهن به صورت ۾ ڊيم ٺاهڻ نه ڏيندا. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت تڪراري منصوبو فوري طور تي ختم ڪري ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو مڪمل پاڻي فراهم ڪيو وڃي.